اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بورڊ جي نئي?? سر جوڙجڪ جي منظوري ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب بورڊ جي 11 ميمبر?? مان ٻه ميمبر تبديل، باقي 9 وڌيڪ ٽن سالن تائين خدمتو?? سرانجام ڏيندا. ثانيه رفعت ۽ عثمان حسن کي پرائيويٽ ميمبر طور بورڊ ۾ شامل ڪ??و ويو آهي. خاور ممتاز بدران ثانيه رفعت ۽ قاضي عظمت عيسيٰ جي جڳهه تي عثمان حسن بورڊ جا ميمبر مقرر ڪيا ويا آهن. صدر بورڊ جي نئي?? سر جوڙجڪ جي منظوري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ايڪٽ جي سيڪشن 5 تحت ڏني. بورڊ جي نئي?? سر جوڙجڪ جي منظوري غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ ڊويزن جي سفارشن تي ڏني وئي. صدر عارف علوي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ??و چيف پيٽرن آهي.
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania