اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ??هباز شريف فرد جرم روڪڻ جي ل??ءِ نيون درخواستون داخل ڪيون آهن، جيڪڏهن ٽڪي جي به ڪرپشن ناهي ڪئي ته ڪيس ۾ التوائن ۽ ڊگهين تاريخن جي پٺيان ڇو لڪي رهيو آهي. شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي ڪيس بابت صحافين سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ??ڄ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي خلاف ايف آءِ اي جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي خلاف فرد جرم لاڳو ٿيڻي هئي، سدائين وانگر التوا وٺڻ جا ڪڌا حربا اڄ به استعمال ڪيا ويا. شهباز ۽ حمزه پاران فرد جرم کي روڪڻ جي ل??ءِ مختلف درخواستون داخل ڪيون ويون آهن، جن جو مقصد اهو آهي ته ??صل ڪيس جي ڪارروائي روڪي وڃي. هن چيو ته ??نهن کان هڪ بنيادي سوال آهي ته ??يڪڏهن ٽڪي جي ڪرپشن ناهي ڪئي ته فرد جرم لڳڻ ڏيو، فرد جرم جو جواب ڏيو ته ??مضان شگر ملز جي 14 ملازمن جي اڪائونٽس ۾ 17 هزار ٽرانزيڪشن ڇو ٿيون، شهباز شريف عدالت کي ٻڌائي ته 10 هزار رپيا ماهوار پگهار کڻندڙ مقصود چپڙاسي جي اڪائونٽ ۾ 4 ارب ڪيئن آيا، شهباز شريف، حمزه ۽ سليمان ملازمن جي نالي تي 14 بي نامي اڪائونٽ کوليا ۽ انهن جي ذريعي مني لانڊرنگ ڪئي. هن چيو ته ??ڄ شهباز شريف پاڻ ڊگهي تاريخ گهري جيڪڏهن ٽڪي جي ڪرپشن ناهي ڪئي ته ??وزانو ٻڌڻي جو مطالبو ڪريو، جڏهن عمران خ??ن جي خلاف انهن بليڪ ميلنگ جي ل??ءِ ڪيس ڪيو ته ??مران خ??ن ڪمائي جو 40 سالا رڪارڊ پيش ڪيو، ان وقت عمران خ??ن اهڙي قسم جو ڪو جعلي قطري خط پيش نه ڪيو هو، عمران خ??ن ان وقت وزيراعظم يا پبلڪ آفيس هولڊر به نه هو.
شهباز شريف فرد جرم روڪڻ جي لاءِ نيون درخواستون داخل ڪيون آهن، جيڪڏهن ٽڪي جي به ڪرپشن ناهي ڪئي ته ڪيس ۾ التوائن ۽ ڊگهين تاريخن جي پٺيان ڇو لڪي رهيو آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado