اسلام آب??د ?? 10 – مارچ (اي پي پي) پ??ڏي??ي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ??نساني وقار کي يقيني بڻائڻ، عورتن کي بااختيار بڻائڻ، اقليتن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ اسان جي حڪومتي پاليسي جو حصو آهي. هن اها ڳالهه گڏيل قومن جي انساني حقن واري ??اء?? ڪمشنر مشيل بيچليٽ سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن پ??ڏي??ي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. پ??ڏي??ي آفيس موجب پ??ڏي??ي وزير انساني حقن، بنيادي آزادي جي فروغ ۽ تحفظ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ مذهب يا عقيدي جي آزادي جي فروغ، خودمختياري واري حق، غلط معلومات جو مقابلو ڪرڻ ۽ اسلاموفوبيا جي باري ۾ شعور اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان جي ڪردار تي روشني وڌي. پ??ڏي??ي وزير واضح ڪيو ته ??نساني وقار کي يقيني بڻائڻ ، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ، ٻارن جي حقن کي اڳتي وڌائڻ، اقليتن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ، بين المذاهب هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ اسان جي حڪومتي پاليسي جو حصو آهي. پ??ڏي??ي وزير ۽ ??اء?? ڪمشنر بيچليٽ افغانستان ۾ انساني صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. شاهه محمود قريشي چيو ته ??فغانستان جي عوام کي انساني بحران ۽ اقتصادي تباهي کان بچائڻ لاءِ عالمي مدد جي ضرورت آهي، پ??ڏي??ي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ??فغانستان کي انساني امداد جي فراهمي غير مشروط هجڻ گهرجي ۽ افغانستان جا سڀئي منجمند اثاثا افغان عوام کي واپس موٽائڻ گهرجن. پ??ڏي??ي وزير ??اء?? ڪمشنر کي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين، منظم ۽ وسيع پئماني تي خلاف ورزين جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ۽ اتي انساني حقن جي سنگين صورتحال جي مسلسل نگراني ۽ رپورٽنگ تي انساني حقن جي ??اء?? ڪمشنر جي آفيس ۽ گڏيل قومن جي خصوصي مينڊيٽ هولڊرز جو ٿورو ادا ڪيو. هن چيو ته ??سان کي ڀارت سرڪار پاران ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غير قانوني آبادياتي تبديلي تي گهري ڳڻتي آهي، ڀارت جي عير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪاري قانون جي لاڳو سان انساني حقن جي محافظن جي خلاف انتقامي حملا، عدالت کان مٿانهون قتل، جعلي مقابلا ۽ ملڪيتن کي تباهي، معمول بڻجي چڪو آهي، پ??ڏي??ي وزير انساني حقن جي فروغ ۽ تحفظ ۽ پائيدار ترقي جي ايجنڊا جي پڄاڻي لاءِ گڏيل قومن جي انساني حقن واري مشينري سان پاڪستان جي مسلسل تعاون جو ورجاءُ ڪيو.
انساني وقار کي يقيني بڻائڻ، عورتن کي بااختيار بڻائڻ، اقليتن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ اسان جي حڪومتي پاليسي جو حصو آهي: مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ