اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ۽ ڀارت جو غيرذميواراڻو رويو علائقائي امن ۽ س??امتي جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهي، يوڪرين جي تڪرار جو حل پائيدار ڳالهين ۽ س??ارتڪاري ??ي ذريعي ضروري آهي، پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي جو ٻيو مرحلو پاڪستان جي اقتصادي ترقي جي ڪوششن کي سگهه ڏيندو. او آءِ سي پرڏيهي وز??رن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان آيل چين جي پرڏيهي وز??ر ۽ اسٽيٽ قونصلر وانگ زي وز??راعظم عمران خان ملاقات ڪئي. وز??راعظم عمران خان وانگ زي جي پاڪستان ۾ آجيان ڪندي گذريل ڏينهن چائنا ايسٽرن فلائٽ جي حادثي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي دلي همدردي جو اظهار ڪيو. چيني پرڏيهي وز??ر چين جي صدر شي جن پنگ ۽ چيني وز??راعظم لي ڪي ڪيانگ پاران وز??راعظم جي پرخلوص خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ چين پاڪستان جي وچ ۾ هر موسم ۾ تعاون ۽ حصيداري جي عزم کي ورجايو. وز??راعظم ۽ چيني پرڏيهي وز??ر پاڪ چين بطرفن لاڳاپن جي موجوده رفتار ۽ بدلجندڙ علائقائي ۽ عالمي منظرنامي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وز??راعظم بيجنگ سرمائي اولمپڪس افتتاحي تقريب جي لاءِ پنهنجي تازي چين جي دوري ۽ چيني قيادت سان پنهنجي ملاقاتن جو پڻ ذڪر ڪيو. وز??راعظم چ??و ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي جو ٻيو مرحلو صنعتي ترقي، زراعت ۽ آءِ ٽي جهڙن شعبن ۾ تعاون سان گڏوگڏ اقتصادي ترقي جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي سگهه ڏيندو. هن چيني سيڙپڪارن جي پاڪستان ۾ پرڪشش موقعن مان فائدو کڻڻ جي پڻ آجيان ڪئي. ٻنهي ڌرين يوڪرين جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ان جي پائيدار ڳالهين ۽ س??ارتڪاري ??ي ذريعي حل جي ضرورت تي زو?? ڏنو. وز??راعظم عمران خان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ ان جي غيرذميواراڻي رويي کان آگاهه ڪيو جيڪي علائقائي امن ۽ س??امتي جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهي. وز??راعظم ڀارت پاران پاڪستان جي حدن ۾ ميزائل جي نام نهاد حادثاتي فائر بابت پڻ آگاهه ڪيو ۽ پاڪستان پاران ان جي گڏيل جاچ جي مطالبي تي زو?? ڏنو. وز??راعظم چ??و ته ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي ته ٻيهر ائين نه ٿئي. هن افغانستان ۾ امن ۽ افغانستان کي فروغ ڏيڻ ۽ اتي انساني بحران کي روڪڻ جي لاءِ ويجها لاڳاپا جاري رکڻ جي ضرورت تي پڻ زو?? ڏنو.
يوڪرين جي تڪرار جو حل پائيدار ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي ذريعي ضروري آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کڑک