اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ڪورونا جي وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايشيا جي سمورن ملڪن کان بهتر ڪم ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته جهڙي طرح اسان ڪورونا جي وب??ئي مرض کي منهن ڏنو ان جي لاءِ آئون پنهنجي حڪومت کي مبارڪباد ڏيڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته پاڪستان ڪورونا بحران دوران ڏکڻ ايشيا جي سمورن ملڪن کان بهتر ڪم ڪيو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آ??ي ته عالمي بئنڪ 22 – 2020ع جي سائوٿ ايشيا انڊيڪس ۾ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ سڀ کان گهٽ بيروزگاري جي شرح سان ٻين ڏکڻ ايشي??ئي ملڪن کي پٺتي ڇڏي ڏنو آهي. عالمي بئنڪ جي انگن اکرن موجب 2002?? کان 2022ع ۾ ڏکڻ ايشيا ۾ بيروزگاري جي سڀ کان گهٽ شرح پاڪستان ۾ 4.3 سيڪڙو رهي جڏهن ته ان جي ابتڙ ڀارت ۾ ان دوران بيروزگاري جي شرح سيڪڙو، مالديپ ۾ 8.3 سيڪڙو، بنگلاديش ۾ 5.4 سيڪڙو، ڀوٽان ۾ 5 سيڪڙو، سريلنڪا ۾ 5.9 سيڪڙو ۽ نيپال ۾ 4.7 سيڪڙو ??هي.
پاڪستان ڪورونا جي وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايشيا جي سمورن ملڪن کان بهتر ڪم ڪيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II