اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) وزيرا??ظم شهباز شريف چيو آهي ته گوادر جي ماڻهن کي بنيادي سهولتن جي فراهمي تائين سک سان ويهنداسين، گهريلو صارفين کي سولر پينلز جي فراهمي وفاقي حڪومت جو گوادر جي ماڻهن کي تحفو هوندو، ان حوالي سان 10 ڏينهن اندر لائحه عمل شروع ڪيو وڃي، منصوبن جي پڄاڻي ۾ دير ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي، وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ بلوچستان ۾ بجلي جي ٽرانسم??شن لائين تي اڳڀرائي جي جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪئي، اجلاس ۾ وفاقي وزير احسن اقبال، انجنيئر خرم دستگير، ايف ڊبليو او جو ڊي جي ميجر جنرل ڪمال اظفر ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ جيواڻي، گوادر، پسني، اورماڙا، پنجگور ۽ ايران جي وچ ۾ بجلي جي ٽرانسم??شن لائيز جي تعمير تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، بريفنگ ۾ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ٽرانسم??شن لائينز جي حوالي سان ننڍي مد?? ۽ ??گهي مدي وارن منصوبن کي جاري ڪيو پيو وڃي، 6 مهينن اندر گوادر کي ايران کان وڌيڪ سئو ميگاواٽ بجلي فراهم ڪري سگهندي، ان سان بجلي جي مجموعي فراهمي 260 ميگاواٽ جڏهن ته کپت 236 ميگاواٽ هوندي، وڌيڪ اهو ته خضدار، پنجگور ٽرانسم??شن لائيز جي ڊسمبر 2022ع ۾ پڄاڻي کانپوءِ 90 ميگاواٽ جو سسٽم ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ۽ ان منصوبي تي به ڪم تيزي سان جاري آهي، ان کانسواءِ حب، اورماڙا ٽرانسم??شن لائيز جي فزيبلٽي تياري جي مرحلن ۾ آهي، ان ٽرانسم??شن لائين جي پڄاڻي کانپوءِ وڌيڪ 200 ميگاواٽ سسٽم کي فراهم ڪئي ويندي، ان موقعي تي وزيرا??ظم منصوبن ۾ شفافيت آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي، وزيرا??ظم چيو ته گهريلو صارفين کي سولر پينلز جي فراهمي وفاقي حڪومت جو گوادر جي ماڻهن کي تحفو هوندو، ان حوالي سان 10 ڏينهن اندر لائحه عمل پيش ڪيو وڃي، وزيرا??ظم هدايت ڪئي ته گوادر ۾ بجلي جي فراهمي لاءِ فوري طور تي آف گرڊ نظام جو به جامع لائحه عمل جوڙيو وڃي. گوادر ۾ آف شور ۽ آف شور ونڊ پاور منصوبن لاءِ به هڪ حڪمت عملي جوڙي وڃي، ڏکڻ بلوچستان ۾ ٽرانسم??شن لائيز جي ڪم ۾ تيزي آڻي ان کي هلندڙ سال ڊسمبر ۾ مڪمل ڪيو وڃي، وزيرا??ظم چيو ته منصوبن جي پڄاڻي ۾ دير قبول نه آهي، لاڳاپيل کاتا يقيني بڻائين ته ڊگهي مدي وارن منصوبن ۾ وقت ۽ لاڳت ۾ جيترو ٿي سگهي ٿي گهٽتائي آندي وڃي، حڪومت جي ذميداري هوندي آهي ته هو عوام جي پئسي جي بچت ڪري ۽ ان جو صحيح استعمال يقيني بڻائي. گوادر بندرگاهه کي دنيا جي جديد ترين بندرگاهه بڻائڻ لاءِ بنا دير جي بجلي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، گوادر جي ماڻهن کي بنيادي سهولتن جي فراهمي تائين سک سان نه ويهنداسين.
گوادر جي ماڻهن کي بنيادي سهولتن جي فراهمي تائين سک سان ويهنداسين: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria