اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ آسٽريليا جي نئين مقرر ٿيل هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وز??راعظم گذريل سالن دوران ٻطرفن لاڳاپن ۾ٿيندڙ مستحڪم اڳڀرائي کي ساراهيو ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري، زراعت سميت ڪڻڪ جي پيداوار، چوپائي مال سميت لائيو اسٽاڪ، تعليمي ۽ تڪنيڪي تعاون، سڌوسنئون مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي خواهش ۽ عزم کي ورجايو. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ افغانستان مان پنهنجي شهرين ۽ ٻين ماڻهن جي محفوظ انخلا ۾ پاڪستان جي بطور سهو??تڪ??ر ڪرار تي ٿورا مڃي??. و??يراعظم ان تعاون تي روشني وڌي جيڪو پاڪستان افغانستان جي صورتحال جي ڏس ۾ خاص طور ت?? گذريل سال آگسٽ کان عالمي برادري سان جاري رکيو. وز??راعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڀارت سان برابري، انصاف ۽ گڏيل احترام جي اصولن تي ٻڌل پرامن لاڳاپن جو خواهشمند اهي. ان ڏس ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب منصفاڻو ۽ پرامن حل لازمي آهي. وز??راعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي برادري کي ان سلسلي ۾ سهو??تڪ??ر جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ڇو ته اهو ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ ضروري آهي. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر وز??راعظم جا ٿورا مڃيا ۽ آسٽريليا ۽ پاڪستان جي وچ م موجود لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ آسٽريليا جي نئين مقرر ٿيل هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر