اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ جي تباهيون تڪليف ڏيندڙ آهن، متاثرين جي بحالي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، نيشنل فلڊ ريسپانس ڪو??رڊ??نيشن سينٽر جي ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، پاڪستان وسيلن سان مالامال ۽ جاگرافيائي لحاظ کان اهميت رکندڙ ملڪ ??هي، گڏيل ڪوششن ۽ جذبي سان متاثرين جي خدمت جي قابل ٿياسين، ڏکويل انسانيت جي خدمت جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال آندا ويا، هٿياربند فوج، اين ڊي ايم اي ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪموتن متاثرين جي لاءِ گڏ??ي ڪم ڪيو. نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪو??رڊ??نيشن سينٽر جي آفيسرن جي مان ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ٻوڏ متاثر ماڻهن جي خدمت ڪندڙن سان ملاقات فخر جوڳي ڳالهه آهي، ليفٽيننٽ جنرل ظفر اقبال جي سربراهي ۾ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪو??رڊ??نيشن سينٽر جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، احسن اقبال جي قيادت ۾ توهان سڀني ڏينهن رات محنت ڪئي ۽ ڏکويل انسانيت جي خدمت جي لاءِ توهان سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان لکين گهر تباهه ٿيا، 1700 جانيون ضايع ٿيون، بيٺل فصل برباد ٿيا، رستن ۽ ريلوي جو انفراسٽرڪچر تباهه ٿيو، ڳوٺن جا ڳوٺ ٻڏي ويا، بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو هو، ڪيترن ئي ڳوٺن تائين پهچ ممڪن نه هئي جڏهن ته جهڙي طرح گڏيل ڪوشش سان پاڪ فوج، اين ڊي ايم اي، صوبائي ايجنسين، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن گڏ??ي هڪ جان ٻه دل ٿي ڏينهن رات محنت ڪئي آهي ان جو اجر دنيا ۽ آخر ٻنهي ۾ ملندو، ان ڪارڪردگي کي ساراهيون ٿا، ٻوڏ جي وڏي پئماني تي تباهين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جيڪو شاندار ڪم ڪيو، ان تي اين ايف آر سي سي مبارڪباد جي مستحق آهي. وزيراعظم چيو ته ڏکويل انسانيت جي خدمت لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويا، اين ڊي ايم اي چيئرمين جنرل اختر نواز وڏي محنت سان ڪم ڪيو، احسن اقبال، شازيه مري، سردار اياز صادق، ناڻي واري وفاقي وزير سميت ٻين سياسي محاذ تي ڀرپور ڪم ڪيو. هن چيو ته جيڪو ماڊل هتي پيش ڪيو ويو آهي ان تي بنا وقت ضايع ڪرڻ جي ڪم شروع ڪيو وڃي، اندرون سنڌ گهڻ ماڙ عمارتن جي تعمير ۽ سيوريج لائينون وڇائڻ جي تجويز مناسب آهي، ان حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير سان ڳالهه ڪندس، اسان کي اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي تيار رکڻو پو??دو. هن اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جي بهترين ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته هن نه رڳو پاڪستان پر ٻاهرئين ملڪ ??ه ڳڻتي جوڳي لمحن ۾ بهترين ڪوششون ڪيون ۽ اهڙيون وڊيوز دنيا اڏو پيش ڪيون جن انهن کي جهنجهوڙي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان وسيلن سان مالامال ملڪ ??هي، رڳو ريڪوڊڪ جي ذخيرن مان اربين ڊالر حاصل ڪري سگهجن ٿا جڏهن ته ڪيترائي سال گذرڻ جي باوجود اسان هتان سو?? ۽ ??امي جا ذخيرا ڳولڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهياسين، اهڙي طرح قومون ناهن ٺهنديون، اهڙي طرح اسان پنهنجي معاشري کي بااختيار نه ٿا بڻائي سگهون، اسان کي قرآن ڪريم جي تعليم موجب پنهنجي منزل جو تعين ڪرڻو پوندو، نبي ڪريم ﷺ جي تعليم ۽ قائداعظم جي ويزن موجب هلي ئي اسان ڪاميابي حاصل ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته گڏيل ڪوششن ۽ جذبي سان اهم متاثرين جي مدد ۾ ڪامياب ٿياسين، اڳتي به انهي جذبي سان اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهون ٿا، پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال ۽ جاگرافيائي لحاظ سان اهم ملڪ ??هي، ٻوڏ تباهين تي ڏک آهي، متاثرين جي بحالي لاءِ سمورا ممڪن وسيلا استعمال ۾ آڻينداسين. منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته پاڪستان بدترين ٻوڏ ڏٺي جيڪا جديد تاريخ م موسمياتي تبديلي جي ڪري سڀ کان وڏي قدرتي آفت هئي جنهن جي شدت ايتري وڌيڪ هئي جو پاڪستان اڪيلو ان جو مقابلو نه پئي ڪري سگهيو، وزيراعظم ڪو??رڊ??نيشن سينٽر جي چيئرمين جي حيثيت سان ڀرپور رهنمائي ڪئي ۽ متاثر علائقن ۾ جڳهه جڳهه ويو، ڪو??رڊ??نيشن سينٽر ۾ شامل سمورا ادارا گڏ??ي منصوبابندي ڪندا هئا، انتظاميا سان گڏ??ي قدم کنيا ويندا هئا. هن چيو ته انهن يسڀني جي محنت سان تمام وڏي امڪاني تباهي جو خطرو ٽري ويو، ٻوڏ کانپوءِ بيماري سان هزارين فوتگين جو خدشو هو جڏهن ته بهترين حڪمت عملي سان ان تي ضابطو آندو ويو، هڪ ٺوس ڪوشش سان ان صورتحال کان محفوظ رهياسين، ٻوڏ دوران سمورن ادارن گڏ??ي ڪم ڪيو. ليفٽيننٽ جنرل ظفر اقبال پڻ ان موقعي تي خطاب ڪيو.
ٻوڏ جي تباهيون تڪليف ڏيندڙ آهن، متاثرين جي بحالي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی