اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف صحافت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سڄي دنيا جي صحافين کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته جنهن ماحول ۾ اهي ڪم ڪن ٿا ا??و اڪثر چئلينجن ۽ خطرن سان ڀرپور هوندو آهي، صحافت جي ”واچ ڊاگ“ ڪردار جمهوريت ۽ شفاف حڪ??راني ۾ مدد ڪئي آهي. صحافت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ??زي??اعظم چيو ته صحافت جي آزادي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي آئون سڄي دنيا جي صحافين کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. خاص طور تي پاڪستان جي صحافين کي عوام کي آگاهي ۽ تعليم ڏيڻ جي ساراهه جوڳي ڪم تي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته جنهن ماحول ۾ اهي ڪم ڪن ٿا ا??و اڪثر چئلينجن ۽ خطرن سان ڀريل هوندو آهي پر ان جي باوجود اهي ماڻهو پنهنجي ذميوارين جون ادائيگيون جاري رکن ٿا. ??زي??اعظم چيو ته صحافت جي واچ ڊاگ ڪردار جمهوريت ۽ شفاف حڪ??راني جي نظرين جي فروغ ۾ مدد ڪئي آهي.
جنهن ماحول ۾ صحافي ڪم ڪن ٿا اهو اڪثر چئلينجن ۽ خطرن سان ڀرپور هوندو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena