اسلام آباد – 25 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي اسيمبلي ??يڪريٽريٽ جي ڊائريڪٽر جنرل خلاف عورت آفيسر کي هراسان ڪرڻ جي ڪوڙي شڪايت رد ڪري ڇڏي. شڪايت ڪندڙ عورت اسسٽنٽ ڊائريڪٽر، جوابدار ??ي خلاف ڪم جي جڳهه تي هراسمينٽ جا نه الزام ثابت ڪري سگهي ۽ نه ئي ڪيترن ئي نوٽيسز جي باوجود ڪيس جي ڪارروائي ۾ پيش ٿي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته ڪنهن کي به قانون جي عمل جو غلط استعمال ڪرڻ جي اجازت نه آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب قومي اسيمبلي ??يڪريٽريٽ جي هڪ ڊائريڪٽر جنرل ??ي خلاف عورت آفيسر ڪم جي جڳهه تي هراسمينٽ ڪرڻ جي شڪايت داخل ڪرائي هئي، ڪم ڪاري واري جڳهه تي هراسمينٽ ??ي خاتمي بابت وفاقي م??تس?? انڪوائري ۽ رپورٽ جي لاءِ معاملو قومي اسيمبلي ??ي اندروني هراسمينٽ ڪميٽي ڏانهن موڪليو. شڪايت ڪندڙ معاملو اندروني ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ ??ي خلاف اپيل داخل ڪئي جنهن صدر سال 2020ع ۾ رد ڪري ڇڏيو هو. صدر ڪميٽي کي الزامن جي منصفاڻي ۽ غيرجانبداراڻي انڪوائري يقيني بڻائڻ جو چيو هو. صدر جي فيصلي ??ي خلاف عورت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي، ان کي به رد ڪيو ويو. قومي اسيمبلي ??يڪريٽريٽ جي اندروني هراسمينٽ ڪميٽي معاملي ??ي انڪوائري ڪئي ۽ رپورٽ م??تس?? کي پيش ڪئي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته شڪايت ڪندڙ عورت جوابدار ??ي خلاف الزام ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته شڪايت ڪندڙ پنهنجي ڊيوٽي جي حوالي ??ان وقت جي پابند نه آهي. هراسمينٽ ??ي خاتمي بابت م??تس?? عورت آفيسر جي شڪايت رد ڪري ڇڏي. عورت فيصلي ??ي خلاف صدر کي درخواست داخل ڪئي، صدر ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ پنهنجو فيصلو ٻڌايو. 2014ع ۾ ٿيندڙ مبينا هراسمينٽ جي شڪايت م??تس?? کي 2019ع ۾ جمع ڪرائي وئي. صدر چيو ته شڪايت ڪندڙ بار بار نوٽيس جي باوجود م??تس?? آڏو پيش ٿيڻ ۾ ناڪام رهي، ڪم جي جڳهه تي عورتن جي هراسمينٽ ??ي خاتمي جو ايڪٽ عورتن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ عورتن جي ب??يا??ي حقن جي لاءِ لاڳو ڪيو ويو آهي. صدر قرار ڏنو ته ڪنهن کي به قانون جو غلط استعمال ڪرڻ جي اجازت نه آهي، م??تس?? صحيح فيصلو ڏنو آهي ان لاءِ عورت جي درخواست رد ڪئي وڃي ٿي.
صدر پاران قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ڊائريڪٽر جنرل خلاف عورت آفيسر کي هراسان ڪرڻ جي ڪوڙي شڪايت رد
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان