اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، نقصان ۾ ويندڙ سرڪ??ري ڪارپوريشنز جي نجڪ??ري جو عمل سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪ??دي تيز تر ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران ج??ري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ نجڪ??ري ڊويزن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين و??ري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، نگران وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، ناڻي و??ري وفاقي سيڪريٽري، هوابازي و??ري وفاقي سيڪريٽري، نجڪ??ري و??ري وفاقي سيڪريٽري، ايف بي آر چيئرمين ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪ??ري آفيسرن شرڪت ڪئي. نگران وزيراعظم کي فيدرل بورڊ آف روينيو ۽ نجڪ??ري ڊويزن جي ڪارڪردگي جي حوالي س??ن تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائي??دي نگران وزيراعظم چيو ته ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته فيڊرل بورڊ آف روينيو حڪومتي مشينري جو اهم حصو آهي. هن هدايت ڪئي ته ٽيڪس سڌارن جي لاءِ سمورا لاڳاپيل ادارا گڏجي ڪم ڪن. هن ٽيڪس ڊاڪومينٽيشن جي حوالي سان وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ رابطو بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم چيو ته اهڙيون سرڪ??ري ڪارپوريشنز جيڪي نقصان ۾ وڃي رهيون آهن انهن جي نجڪ??ري جو عمل سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪ??دي تيز تر ڪيو وڃي ۽ سموريون وفاقي وزارتون نجڪ??ري ڊويزن سان مڪمل تعاون ڪن. اجلاس کي ايف بي آر عملدارن پاران ڏني ويندڙ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايف بي آر حڪومت پاران ڏني ويندڙ 9415 ارب رپيا ٽيڪس اوڳاڙي جو هدف پورو ڪرڻ جي حوالي سان پرعزم آهي، جولاءِ 2023ع جي 534 ارب رپين جي هدف جي مقابلي ۾ 538 ارب جون اوڳاڙيون گڏ ڪيون ويون جڏهن ته آگسٽ 2023ع جي 648 ارب رپين جي هدف جي مقابلي ۾ 669 ارب رپين جون اوڳاڙيون گڏ ڪيون ويون، ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح وڌائڻ جي حوالي سان ڊيجيٽل قدمن تي ڪم ڪيو پيو وڃي، ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ جي لاءِ ايف بيآر جي ڊيٽابيس کي باقي ادارن سان ڳنڍيو پيو وڃي، ايف بي آر 10 لک نئين ٽيڪس ڏيند??ن کي سسٽم ۾ آڻڻ جي هدف تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ هلندڙ سال هڪ لک 82 هزار نوان ٽيڪس ڏيندڙ سسٽم ۾ شامل ٿيا آهن، پوائنٽ آف سيلز جو دائرو وڌيڪ شهرن ۽ ريٽيلرز تائين ترجيحي بنيادن تي وڌايو پيو وڃي، هن سال 20 هزار ريٽيلرز پي او ايس ۾ شام?? ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته انٽيگريٽڊ ٽرانزٽ ٽريڊ مئنيجمينٽ سسٽم تي پڻ حڪمت عملي ٺاهي پئي وڃي، ڪسٽمز ڊيجيٽلائيزيشن تي ڪم ج??ري آهي ۽ پاڪستان سنگل ونڊو کي وڌيڪ سرڪ??ري دارن سان ڳنڍيو پيو وڃي. اجلاس کي نجڪ??ري ڊويزن پاران ڏني ويندڙ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ادارن جي نجڪ??ري جي حوالي سان سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪيون پيون وڃن، نجڪ??ري ڊويزن سرڪ??ري ڪارپوريشنز جي ڪارڪردگي ۽ سروس ڊيليوري جي بهتري ۽ ان حوالي سان نجي شعبي جي صلاحيتن جي استعما?? ڪرڻ جي لاءِ مثبت رخ ۾ اڳتي وڌي رهي آهي.
ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، نقصان ۾ ويندڙ سرڪاري ڪارپوريشنز جي نجڪاري جو عمل سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪندي تيز تر ڪيو وڃي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن