اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ملڪ جي ??ستقبل جي ??اءِ سياسي پارٽيون معاشي سڌارن جي بهتري جو ٺوس پروگرام پيش ڪن، رڳو دل لڀائيندڙ واعدا ڪافي نه آهن، پر عملي قدمن جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي اهتمام هيٺ ”اليڪشن 2024ع: سياسي پارٽين جي اقتصادي سڌارن جي ايجنڊا“ جي ??وضوع تي مقامي هوٽل ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته اسان چونڊن کان ڪجهه ڏي??هن پري آهيون، چونڊون انشاءَ الله 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون، ان ۾ ڪ??هن کي ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته چونڊن جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن پنهنجي ??وقف تي قائم آهي، اليڪشن ڪميشن واحد ادارو آهي ج??هن چونڊن جو شيڊيول ڏنو آهي ۽ ان ۾ ڪ??هن به قسم جي تبديلي ڪ??هن ٻئي اداري جي اختيار ۾ نه آهي. هن چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن جون مالي، انتظامي ۽ سيڪيورٽي ضرورتون پوريون ڪنداسين. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته سياست معيشت ۽ معاشي مفادن جو ڳانڍاپو آهي، پاڪستان جي ??عاشي صورتحال ۾ بهتري جي ضرورت آهي. هن چيو ته ملڪ جي جي ڊي پي جو هڪ چوٿون حصو زراعت مان اچي ٿو پر ان شعبي کان ٽيڪس جي ??صولي تمام گهٽ آهي. هن چيو ته ملڪ جي آبادي ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي ج??هن سان صحت ۽ تعليم جهڙن شعبن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ت?? پاڪستان جي سياسي ڪلچر ۾ به تبديلي جي ضرورت آهي. سياسي پارٽين کي پنهنجي تڪن کي رڳو ووٽ جي ??اءِ استعمال ڪرڻ بدران قانونسازي ۽ ملڪ جي ??سئلن جي حل تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته 2024ع جون چونڊون اهم چونڊون هونديون، اسان کي سياسي پارٽين جي ??نشور جي حقيقي پسنداڻي هجڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان کي آبادي جا مسئلا پڻ درپيش آهن ج??هن جي ڪري اسان کي تعليم ۽ صحت جي شعبي تي دٻاءُ کي م??هن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته سياست ضرور ڪريو پر ملڪ جي ??ستقبل تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، ملڪ جي ??عاشي رخ تي سڀني جو اتفاق هجڻ گهرجي. هن چيو ت?? پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، غير چونڊيل ماڻهن کي اهو اختيار نه آهي ته اهي ملڪ جي ??ستقبل جو فيصلو ڪن. هن چيو ته مستقبل جي حڪومت ۽ قومي سياسي پارٽيون حقيقت پسنداڻي معاشي سڌارن جي ايجنڊا سامهون آڻين، حقيقت پسنداڻا پروگرام ڏين ۽ دل لڀائيندڙ واعدن بدران اهڙان واعدا ڪن جن تي ا??هن کي يقين هجي ته اهي اهو ڪم ڪري سگهندا. سيمينار ۾ معاشي ماهرن ۽ صحافين پڻ شرڪت ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شا??ير?? شاهد ۽ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر طارق محمود خان پڻ ان موقعي تي موجود هئا.
ملڪ جي مستقبل جي لاءِ سياسي پارٽيون معاشي سڌارن جي بهتري جو ٺوس پروگرام پيش ڪن، رڳو دل لڀائيندڙ واعدا ڪافي نه آهن، پر عملي قدمن جي ضرورت آهي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری