اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄم??ن ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پر??من حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته جنيوا ۾ انساني حقن جي ڪميٽي تازو ئي ڀا??ت جي چوٿين لڳاتار رپورٽ تي غور ڪيو. هو شهري ۽ سياسي حقن جي عالمي معاهدن جي شقن کي ڪهڙي طرح لاڳو ڪري ٿو. ترجمان چيو ته ڪارروائي دوران پبلڪ سيفٽي ايڪٽ ۽ پبلڪ سيڪيورٽي ايڪٽ جهڙي سخت قانونن تحت گرفتارين ۽ ڀا??ت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ موبائيل انٽرنيٽ سروس جي مسلسل معطلي بابت اهم سوال اٿاريا ويا. هن چيو ته اهو ڀا??ت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خراب صورتحال بابت عالمي انساني حقن جي مشينري جي مسلسل خدشن کي ظاهر ڪري ٿو. ترجمان چيو ته اسان عالمي بر??دري کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو والاريل ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ ڀا??ت پاران انساني حقن جي انهن خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي ۽ ڪشميري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جو خاتمو ڪري.
عالمي برادري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب