اسلام آباد -10 آگسٽ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زر??اري پاڪستاني ايٿليٽ ارشد نديم کي اولمپڪس ۾ رڪارڊ ڪارڪردگي تي هلال امتياز عط?? ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت آصف علي زر??اري، ارشد نديم کي راند جي ميدان ۾ نمايان خدمتن جي اعتراف ۾ خاص تقريب ۾ سول ايوارڊ عط?? ڪندو. صدر مملڪت جي هدايت تي ايوان صدر ارشد نديم کي سول ايوارڊ عط?? ڪرڻ لاءِ ڪابينه ڊويزن کي خط لکي ڇڏيو آهي. صدر مملڪت آصف علي زر??اري چيو ته ارشد نديم بهترين ڪارڪردگي سان راند جي ميدان ۾ قوم جو سر فخر کان بلند ڪيو. ايوان صدر طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ارشد نديم جي عالمي سطح تي شاندار ڪاميابي قوم لاءِ فخر جو سبب بڻي آهي. ارشد نديم ايٿليٽڪس جي ميدان ?? نالو روشن ڪيو. صدر مملڪت ارشد نديم کي سول ايوارڊ آئين جي آرٽيڪل 259 (2) تحت عط?? ڪندو. آئين تحت صدر مملڪت مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ جي اعتراف ۾ پاڪستان جي شهرين کي اعزاز عط?? ڪري سگهي ٿو.
صدر مملڪت آصف علي زرداري جي پاڪستاني ايٿليٽ ارشد نديم کي اولمپڪس ۾ رڪارڊ ڪارڪردگي تي هلال امتياز عطا ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ