اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ بنا روڪ ٽوڪ جاري آهي، اسرائيلي قابض فوج والاريل فلسطين ۽ لبنان ۾ ڇوٽ سان ڪارروايون جاري رکيون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بري??نگ ۾ چيو ته پاڪستان بيت لاهيه تي اسرائيل جي وحشياڻي ۽ انڌاڌنڌ فضائي حملن جي شديد مذمت ڪ??ي آهي جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 80 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿيا آهن. ترجمان چيو ته اسرائيل جو اتر غزه جو گهيراءُ ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ انساني صورتحال انساني ??مي?? تي ڌٻو آهي. هن چيو ته بنا وارننگ جي گنجان آباد رهائشي علائقن کي نشانو بڻائڻ ۽ شهرين کي خوراڪ، پاڻي ۽ ضروري دوائن کان محروم ڪري انهن کي ??ڏي?? سزا ڏيڻ جنگي ڏوهه آهي. هن چيو ته اسرائيل لبنان ۾ شهري آبادي جي خلاف پنهنجي جارحيت جاري رکي آهي، ??ڏي?? قومن جا امن دستا اسرائيلي جارحيت جو تازه ترين شڪار بڻجي ويا آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان لبنان ۾ ??ڏي?? قومن جي يو اين آءِ ايف ايل جي امن دستن تي اسرائيلي فوج جي ڄاڻي واڻي ۽ غيرقانوني حملن جي شديد مذمت ڪ??ي ٿو. هن چيو ته پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته اسرائيل تي دٻاءُ وجهي ته هو يو اين آءِ ايف ايل جي خلاف سمورا جارحاڻا قدم فوري طور تي بند ڪرڻ سان گڏوگڏ فلسطين ۽ لبنان جي عوام جي خلاف حملا بند ڪري. ترجمان چيو ته اسرائيل کي ان جي جنگي ڏوهن ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن تي پڻ جوابده بڻائڻ گهرجي ۽ فلسطيني عوام کي اسرائيلي جارحيت کان بچائڻ گهرجي.
غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ بنا روڪ ٽوڪ جاري آهي، اسرائيلي قابض فوج والاريل فلسطين ۽ لبنان ۾ ڇوٽ سان ڪارروايون جاري رکيون آهن: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ