راولپنڊي- 20 نومبر (اي پي پي) سيڪيورٽي ف??رسز بنون ۾ دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، سيڪيورٽي ف??رسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ڌماڪيدار مواد سان ڀر??ل گاڏي ٽڪرائجڻ سبب ڌماڪي جي نتيجي ۾ 12 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب 19 نومبر 2024ع تي خوارج بنون جي علائقي ملي خيل ۾ گڏيل چيڪ پوسٽ تي حملي جي ڪوشش ڪئي. جوابي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 خوارجي مارجي ويا. سيڪيورٽي ف??رسز حملي آورن طرفان پوس?? ۾ ??اخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي جنهن کانپوءِ خوارج ڌماڪيدار مادي سان ڀر??ل هڪ گاڏي کي پوسٽ جي ديوار سان ٽڪرائي ڇڏيو. آپگهاتي ڌماڪي سان پوسٽ جي حد جي ڀت جو هڪ حصو ڪري پيو ۽ ڀر??اسي جي عمارتن کي نقصان پهتو. ان واقعي ۾ سيڪيورٽي ف??رسز جا اهلڪار 12 اهلڪار شهيد ٿي ويا، جن ۾ سيڪيورٽي ف??رسز جا 10 ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جا 2 اهلڪار شا??ل آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي ۽ ان ڪڌي عمل جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. پاڪستان جي سيڪيورٽي ف??رسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردي جي ناسور کي پاڙ کان ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن. اسان جي بهادر پٽن جون اهي قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.
سيڪيورٽي فورسز بنون ۾ دهشتگرد حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، 6 دهشتگرد مارجي ويا، 12 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿيا: آءِ ايس پي آر
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا