اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ بيلاروس ٻطرفن لاڳاپن ??ي موجوده مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي انهن رابط?? کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ، بين الپارلياماني مٽاسٽا کي مضبوط بڻائڻ، گڏيل واپاري ۽ اق??صادي تعاو?? کي وڌائڻ جي لاءِ گڏيل عزم جو ورجاءُ ۽ اداراجاتي تعاون جي ذريعي ان رفتار کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو ??ي پاڪستان جي دوري دوران پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ڪيترن ئي اهم معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن (ايم او يوز) تي صحيحون ٿيون. وزيراعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب جمهوريه بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهن??ي پنهنجي وفدن جي قيادت ڪئي. ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه جو اهو مرحلو پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ بهترين ٻطرفن لاڳاپن جو عڪاس آهي. ڌرين ٻطرفن لاڳاپن ??ي مڪمل اسپيڪٽرم سان گڏوگڏ اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ٻن??ي ملڪن جي لاڳاپ?? کي وڌيڪ مستحڪم، بين الپارلياماني مٽاسٽا کي مضبوط بڻائڻ خاص طور تي ٻطرفي واپاري ۽ اق??صادي تعاو?? کي وڌائڻ جي لاءِ ٻن??ي ملڪن جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر لوڪاشينڪو پاڪستان – بيلاروس لاڳاپن ??ي موجوده مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻن??ي اڳواڻن باقاعده اعليٰ سطح تي ملاقاتن ۽ اداراجاتي تعاون جي ذريعي ان رفتار کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. ٻن??ي اڳواڻن ڪيترن ئي اهم معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن (ايم او يوز) تي صحيحن جو پڻ مشاهدو ڪيو جنهن جو مقصد پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ اهم شعبن ۾ ويجهي تعاو?? کي فروغ ڏيڻ آهي. اهي معاهدا ۽ ايم او يوز ماحولياتي تحفظ، ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ، حلال واپار، آڊٽ ادارن، مالياتي انٽيلي جنس شيئرنگ، ووڪيشنل ايجوڪيشن ۽ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون سان لاڳاپيل آهن. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ 2025 – 2027ع جي لاءِ ٺوس تعاون جي روڊ ميپ تي اتفاق ٿيو جنهن تحت اعليٰ سطحي اجلاسن، بين الحڪومتي ڪميشنن ۽ هدفن جي ذريعي اق??صادي لاڳاپ?? کي وڌائڻ جي لاءِ هڪ اسٽريٽجڪ فريم ورڪ جو خاڪو پيش ڪيو ويو آهي. ان فريم ورڪ جي ذريعي گڏيل تعاون جي قدمن، علائقائي اق??صادي رابطن جي اهميت تي زور ڏنو ويو آهي، ڌرين ٻطرفي اق??صادي تعاون ۾ تيزي آڻڻ جي لاءِ گهربل قانوني فريم ورڪ کي بهتر بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. بيلاروس جي صدر پاڪستان جي وزيراعظم جي لاڳاپ?? کي نئين بلندين تي وٺي وٺڻ جي عزم کي ساراهيو ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي حڪومت جي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف کي بيلاروس جي دوري جي دعوت پڻ ڏني جنهن سان ٻن??ي ملڪن جي لاڳاپن ۾ وڌيڪ سگهه ايندي. وزيراعظم سندس دعوت قبول ڪندي چيو ته سندس ان دوري دوران مفاهمتي يادداشت?? کي معاهدن جي شڪل ڏني ويندي. بيان موجب وزيراعظم لاڳاپيل وزير?? کي هدايت ڪئي ته اهي ان سلسلي ۾ جلد کان جلد ضروري قدم کڻن.
پاڪستان ۽ بيلاروس پاران ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم