والاريل بيت المقدس-14 نومبر (اي پي پي) اسرائيلي فوج اولهندي ڪناري جي اتر شهر طولڪرم جي ڀرپاسي ۾ 5 فلسطيني نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو. فرانسيسي خابرو اداري مطابق ثبت اسپتال جي ڊائريڪٽر امين خضر اڱاري ڏينهن ٻڌايو ته اسرائيلي فوج طولڪرم ۾ آپريش?? ڪي?? ۽ ??ن دوران 5 فلسطين?? شهرين کي شهيد ڪري ڇڏيو جن جون عمرون 21 ۽ 29 سال آهن. اکين ڏٺي شاهدين مطابق اسرائيلي فوج علائقي ۾ گرفتارين لاءِ پرتشدد ڪارروائيو?? ڪيون آهن. اسرائيلي فوج والاريل اولهندي ڪناري ج?? شهر ۾ آپريشن جي تصديق ڪئي آهي جڏهن ته ان فلسطين?? شهرين کي شهيد ڪرڻ جو سبب نه ٻڌايو. ٻئي طرف اسرائيلي فوج غزه پٽي ۾ جباليه ڪئمپ ۾ شيلنگ دوران 31 فلسطينن کي شهيد ڪري ڇڏيو. روسي خابرو اداري الحدث ٽيلي ويزن چينل جي رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو ته اسرائيلي فوج جباليه ڪئمپ ۾ شيلنگ ڪئي ۽ 31 فلسطينن کي شهيد ڪري ڇڏيو شيلنگ سبب سوين ماڻهو مت??ثر ٿيا آهن.
اسرائيلي فوج اولهندي ڪناري ۾ 5 فلسطيني شهرين کي شهيد ڪري ڇڏيو، غزه پٽي ۾ جباليه ڪئمپ ۾ شيلنگ، 31 فلسطيني شهيد
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر