دمشق -26 آگسٽ (اي پي پي) شام جي صدر بشار الاسد چيو آه??، ته شام ۽ ترڪيه وچ ۾ لاڳاپا انهن مسئلن کي حل ڪرڻ کان سواءِ بحال نٿا ٿي سگهن، جيڪي انهن جي ڌار ٿيڻ جو سبب بڻيا. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن نئين عوامي اسيمبلي ک?? خطاب ۾ چيو ته موجوده عالمي بحران وچ ۾ اسان ترڪيه سان لاڳاپن جي بحالي ک?? نظ?? ۾ رکندي تجويز ڪيل سمورن قدمن تي جلدي ۽ هاڪاري انداز ۾ غور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان جي اصل سببن کي نظ?? انداز ڪيو وڃي ته ڪو به مسئلو حل نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته تڪرارن جي حل لاءِ ڌرين کي لاڳاپن جي بحالي ۾ رڪاوٽن جي نشاندهي لاءِ مخلصاڻين ڪوششن جي ضرورت آه??. شام جي صدر چيو ته شام ڪنهن به ڳالهه ٻولهه ۾ پنهنجن حقن تان هٿ نه کڻندو. هن زور ڀريندي چيو ته سندس ملڪ ۽ ترڪيه وچ ۾ موجوده مشاورت ۾ بنيادي ا??ول?? جي ک??ٽ آه?? جن سان ڌرين کي ڳالهين واري عمل ۾ رهنمائي حاصل ٿي سگهي ٿي. هن زور ڀريندي چيو ته ان مسئلي تي دمشق لاءِ شام جي سر زمين تان ترڪيه جي واپسي ۽ شام جي خودمختياري جو احترام بنيادي اهميت رکندڙ آه??.
ترڪيه سان لاڳاپن جي بحالي ۾ رڪاوٽن جي نشاندي لاءِ مخلصاڻين ڪوششن جي ضرورت آهي: شام جو صدر
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ