اسلام آباد – 14 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان خطي ۽ دنيا ۾ امن ۽ خوشحالي جي فروغ لاءِ پرعزم آهي. ايشيائي پارليامينٽ جي قيام جي لاءِ ڪميٽي جي اجلاس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چي?? ته ايشيائي پارلياماني اسيمبلي انساني حقن ??ي حفاظت ۽ جمهوريت کي مضبوط بڻائڻ ??ابت علائقائي تعاون جي فروغ لاءِ هڪ مضبوط فريم ورڪ مه??ا ڪري سگهي ٿي، ايشيا خطو سماجي ۽ اقتصادي، ثقافتي، جاگرافيائي ۽ ترقياتي لحاظ کان مالا مال آهي، تازن ڏهاڪن جي دوران بهترين واپاري پاليسي، ايشيا جي بهتر چرپر ۽ پيدار ۾ اضافي ايشيا کي بدلائي ڇڏيو آهي ۽ تنهن هوندي به انتهاپسندي ۽ بين الملڪي دهشتگردي ۽ علائقائي تڪرارن سميت ڪجهه وڏيون رڪاوٽون موجود آهن
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن