استنبول – 19 مئي (اي پي پي) اسلامي ڪانفرنس تنظيم (او آءِ سي) اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ بيگناهه فلسطينين جي قتل عام جي سخت مذمت ڪندي عالمي برادري کي اپيل ڪئي آهي ته هو اسرائيلي ظلمن جو نوٽيس وٺي، القدس کي اسرائيل جو گادي وارو شهر قرار ڏيڻ جو آمريڪي قدم فلسطيني عوام جي قانوني، تاريخي، فطري ۽ قومي حقن تي حملو ۽ امن جي امڪانن، عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ ڄاڻي واڻي خطرا پيد?? ڪرڻ جي هڪ ڪوشش آهي، القدس شريف کي اسرائيل جو گادي جو هنڌ تسليم ڪرڻ يا اتي پنهنجو سفارتخانو منتقل ڪندڙ ملڪن جي خلاف مناسب سياسي، اقتصادي ۽ ٻي نوعيت جا قدم کنيا وڃن. اها ڳا??هه ترڪ جي شهر استنبول ۾ اسلامي تعاون تنظيم او آءِ سي جي غير معمولي سربراهي اجلاس جي پچاڻي تي جاري ڪيل گڏيل پڌرنامي ۾ ڪئي وئي آهي.
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina