بغداد-27 سيپٽمبر (اي پي پي) عراق ۾ شادي جي تقريب دوران باهه لڳڻ جي واقعي ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار سميت 100 کان وڌيل ڄاڃي فوت ۽ 150 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق عراق جي اترئين صوبي ن??نوي جي ضلعي همدانيه ۾ شادي تقريب ۾ باهه لڳڻ سبب گهوٽ ۽ ڪنوار سميت 100 کان وڌيڪ ڄاڃي فوت ٿي ويا آهن جڏه?? ته 150 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن . 113 فوتين جي تصديق نينوي صوبي جي گورنر ڪري ??ڏي آهي. سرڪاري ميڊيا فوتين جو انگ 100 جڏه?? ته زخمين جو انگ 150 ٻڌايو آهي. سرڪاري ميڊيا مطابق مقامي شهري دفاع جو چوڻ آهي ته تقريب ۾ جشن دوران ٿيل آتشبازي سبب ايونٽ هال ۾ باهه لڳي وئي جڏه?? ته باهه سبب هال جو ڪجهه حصو ڪري پيو.باهه لڳڻ بعد ڪيترائي ماڻهو هال مان ٻاهر نڪرڻ ۾ پڻ ڪامياب ٿي ويا ۽ ڪجهه اتي ڦاسي پيا جڏه?? ته جيڪي ڄاڃي شادي هال مان ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا انهن جي حالت پڻ خراب هئي. سرڪاري اختيارين مطابق حادثي بعد ايمبوليسز ۽ طبي عملي کي فوري طور تي اوڏانهن اماڻيو ويو. عراق جي وزير اعظم جي آفيس سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ??يل هڪ بيان ۾ چيو ته وزير اعظم اختيارين کي مت??ثر ماڻهن کي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ سموريون ڪوششون ڪتب آڻڻ جي هدايت ڪري ??ڏي آهي. علائقي جي گورنر ٻڌايو ته زخمين کي ن??نوي جي مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته فوتين ۽ زخمين جو انگ حتمي ناهي ۽ ان جي انگ ۾ واڌ جو خدشو آهي. حادثي بعد همدانيه جي مرڪزي اسپتال ۾ ڪيترا ئي ماڻهو زخمين لاءِ رت جو عطيو ڏيڻ پهچي ويا.
عراق ۾ شادي تقريب دوران باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار سميت 113 ڄڻا فوت، 150 زخمي
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز