رياض-19 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي ولي ع??د شهزاده محمد بن سلمان جاپان جي وزيراعظم فوميوڪيشيدا سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، سعودي خابرو اداري موجب ٽيليفونڪ رابطي دوران ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ فوجي ڇڪتاڻ ۾ واڌ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سعودي ولي ع??د ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سعودي عرب غزه ۾ شهرين کي نشانو بنائڻ جي هڪ ڪڌو ڏوهه ۽ وحشياڻو حملو سمجهي ٿو، هن اتي جي شهرين جي تحفظ لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو، شهزاده محمد بن سلمان فوجي ڪاررواين کي روڪڻ، علائقائي ۽ عالمي ??لا??تي، امن ۽ استحڪام تي ان جي خطرناڪ اثرن کان بچڻ لاءِ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوششن کي مستحڪم بڻائڻ جي اهميت تي پڻ زور ڀريو.
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena