اسلام آباد – 20 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ ت??قياتي منصوبن جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. اجلاس دوران بنيادي ڍانچي ۽ مواصلات?? رابطن جي حوالي سان منصوبن ۽ نيو اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ڪم جي رفتار جو پڻ جائزو ورتو ويو. وزيراعظم اپريل 2018ع جي وچ تائين ايئرپورٽ جي افتتاح کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، مواصلا?? واري وفاقي وزير حافظ عبدالڪريم، مواصلا?? واري مملڪتي وزير جنيد انوار چوڌري ۽ لاڳاپيل سيڪريٽريز، اين ايڇ اي چيئرمين ۽ ٻين سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز