ڪوئيٽا – 03 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عورت اسپورٽس کي اڄ جيتري حوصلا افزائي ملي رهي آهي اڳ ۾ ڪڏهن نه ڏٺي، اڄ وو??ين ڪرڪيٽرز جي صلاحيت ڏسي حيران رهجي ويس، رانديون چئلينجز کي منهن ڏيڻ جو حوصلو پيدا ڪن ٿيون، ليڊرشپ جون صلاحيتون به وڌن ٿيون، راندين سان ليڊرشپ نڪرڻ جو مثال وزيراعظم عمران خان آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوئيٽا ۾ آل پاڪستان چيف منسٽر بلوچستان ڊائمنڊ جوبلي ڪوئيٽا گليڊيئر وو??ين ليگ ٽورنامنيٽ جي فائنل مئچ دوران خط??ب ڪندي ڪيو. صدر عارف علوي چيو ته بلوچستان جي وڏي وزير ٻڌايو ته ٽن سالن ۾ 18 بلين اسپورٽس تي خرچ ڪيا وي?? آهن، ايتري وڏي رقم اسپورٽس تي خرچ ڪرڻ خوش آئنده آهي. صدر عارف علوي وڌيڪ چيو ته راندين سان ڪرپشن جي خلاف ورهڻ جي همت پيدا ٿئي ٿي. صدر چيو ته هاڪيءَ ۾ به ليگز ٺهن ته هاڪيءَ جي راند ۾ نوجوانن جي دلچسپي وڌندي، هن وقت پاڪستان جي 6 بائ??لر?? جي دنيا ۾ بهترين رينڪنگ آهي. هن چيو ته هاءِ ڪورٽ پاران عورتن جي وراثت بابت فيصلي جي آجيان ڪريان ٿو، جيڪڏهن اسپورٽس ۾ نوجوانن جي لاءِ رستا کلن ته منشيات مان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو. بلوچستان جي وڏي وزي?? جڏهن مون کي اچڻ جي دعوت ڏني ته مون دلچسپي جي ڪري فوري طور تي ها ڪري ڇڏي. تقريب جي آخر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ انعام ورهايا.
عورت اسپورٽس کي اڄ جيتري حوصلا افزائي ملي رهي آهي اڳ ۾ ڪڏهن نه ڏٺي: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ