اسلام آب??د – 22 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پرڏيه?? ڪاروباري ??دارن تي پاڪستان ج?? ڪاروبار دوست پاليسين مان فائدو کڻڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته زراعت، آءِ ٽي، ٽيلي ڪميونيڪيشن، توانائي ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ??ا بي پناهه موقعا موجود آهن، نامزد سفير پنهنجي ملڪن ج?? ڪاروباري ??دارن کي سيڙپڪ??ري لاءِ پاڪستان جهڙي پرڪشش منزل طرف متوجهه ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن جاپان، ناروي، پولينڊ ۽ ڪمبوڊ??ا جي نامزد سفير سان ڳالهائيندي ڪيو. جاپان جي نامزد سفير مٽسوهيروواڊا،ناروي جي نامزد سفير پير البرٽ لساس، پولينڊ جي نامزد سفير ماسيج پسارسڪي ۽ ڪمبوڊ??ا جي غير مقيم نامزد سفير انگ سين صدر مملڪت کي تقريب ۾ پنهنجون پنهنجون سندون پيش ڪيون.ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان دوست ملڪن سان ٻطرفي واپار ۽ واپاري ??عاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، دوست ملڪن سان واپار کي ان جي مڪمل صلاحيت تائين وٺي وڃڻ جي ضرورت اهي، هن چيو ته غير ملڪ?? ڪاروباري ??دارا پاڪستان ج?? ڪاروبار دوست پاليسين مان فائدو کڻن، زراعت، آءِ ٽي، ٽيلي ڪميونيڪيشن، توانائي ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ??ا بي پناهه موقعا موجود آهن. صدر چيو ته نامزد سفير پنهنجي ملڪ ج?? ڪاروباري ??دارن کي سيڙپڪ??ري لاءِ پاڪستان جهڙي پرڪشش منزل طرف متوجهه ڪن. هن سفيرن کي پاڪستان جي ڪورونا جي خلاف سمارٽ لاڪ ڊائون ج?? ڪامياب حڪمت عملي جي ب??ري ۾ آگاهه ڪيو. صدر افغانستان ۾ انساني امداد جي فراهمي تي به زور ڏنو. صدر نامزد سفيرن کي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سفير سياسي، تجارتي، سفارتي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.
پرڏيهي ڪاروباري ادارا پاڪستان جي ڪاروبار دوست پاليسين مان فائدو کڻن: صدر
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II