اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان پاڪستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير ??يو ته پاڪستان برطانيه سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ ۾ برطانيه ۾ رهندڙ 16 لک پاڪستانين جو ڪردار خصوصي اهميت رکندڙ آهي، شاهه محمود قريشي ??يو ته پاڪستان برطانيه سان واپاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ لاءِ اسٽريٽجڪ حصيداري جو خواهشمند آه??، برطانوي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ ٻرطرفي لاڳاپن جي فروغ لاءِ پنهنجي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي.
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔