اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته نفرت انگيز بيانيي کي لغام ڏيڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته اڄ آئون سڄي قوم کي مبارڪبا?? پيش ڪريان ٿو، وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن ۾ ڪيل تقريرن ۾ اسلامو فوب??ا جي وڌندڙ رجح??ن جي خلاف جدوجهد جو آغاز ڪيو. وزيراعظم جي هدايت تي مون ان معاملي کي نيامي ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 27 هين اجلاس ۾ اٿاريو. نيامي ۾ منعقد ٿيندڙ اجلاس ۾ زمين هموار ٿي ۽ اسان امت کي ان مسئلي تي متحد ڪيو ۽ اسلامو فوب??ا جي وڌندڙ رجح??ن جي خلاف متفقه قرارداد منظور ٿي. ان کانپوءِ پاڪستان گڏيل قومن ۾ قراردا?? پيش ڪئي، پرڏيهي وزير چيو ته اسان چيو ته آخري نبي حضرت محمد ﷺ جي شان ۾ گستاخي جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي، نفرت انگيز بياني کي لغام ڏيڻ گهرجي، الحمد الله دنيا اس??ن جي موقف کي تسليم ڪيو آهي ۽ اس??ن جي تجويز تي اهو فيصلو ٿيو آهي ته هر سال 15 مارچ کي اسلامو فوبيا کي روڪڻ جي عالمي ڏهاڙي طور ملهايو ويندو، الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان کي اسلامو فوب??ا جي خلاف هڪ وڏي ڪاميابي حاصل ٿي آهي، آئون ان ڪاميابي تي سڄي قوم کي مبارڪبا?? پيش ڪريان ٿو.
نفرت انگيز بيانيي کي لغام ڏيڻ گهرجي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania