اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ دستياب سيڙپڪاري جي موقعن ۽ سيڙپڪار ??وست پاليسين کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته آءِ ٽي سيڪٽر جي ترقي ملڪ جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهي، غيرملڪي واپارين ۽ سيڙپڪارن کي ان اهم شعبي ۾ سيڙپڪاري سميت ترقي جي بي پناهه امڪانن مان فائدو کڻڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??يني ڪمپني ايزي وي انوويشن ٽيڪنالاجي ڪمپني لميٽيڊ جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ??يوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت ??مپني جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جو هانيو ڪري رهيو هو. صدر چيو ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي ڪاروباري ادارن جي لاءِ 10 سال جي ٽيڪس ڇوٽ سميت مختلف مراعتن جي آڇ ڪري ٿي ۽ چيني آءِ ٽي ڪمپنين کي انهن موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي. چيني وفد جي سربراهه صدر کي مختل?? آءِ ٽي خدمتن ۽ صنعتي حل فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجي ڪمپني جي ڪردار ??ابت آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته ايزي وي سمارٽ ٽرانسپورٽيشن، سمارٽ لاجسٽڪس ۽ ٻين شعبن جي لاءِ ٺوس حل ۽ پيشيواراڻي سافٽ ويئر ڊيولپمينٽ فراهم ڪري ٿي. هن ٻڌايو ته ان جي ڪمپني پاڪستان جي ريلوي جي لاءِ اي – ٽڪيٽنگ سسٽم تيار ڪيو آهي جنهن ??ان اداري جي ڪارڪردگي کي وڌائڻ ۾ مدد ملندي.
آءِ ٽي سيڪٽر جي ترقي ملڪ جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی