بيجنگ-27 مارچ (اي پي پي)چين خيبرپختونخواهه ۾ داسو هائڊرو پاور رٿا جي قافلي تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي ان ??اق??ي جي جلد تحقيقات جو مطالبو ڪيو آهي ۽ چين – پاڪستان سهڪار کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي. چائنا گلوبل ٽيليويزن نيٽ ورڪ مطابق چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاڪستان ۾ داسو هائڊرو پاور رٿا جي قافلي تي دهشتگرد حملي تي اربع ڏينهن تبصرو ڪندي چيو آهي ته چين ان دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪري ٿو ۽ پاڪستان کان ان ??اق??ي جي جلد کان جلد تحقيقات مڪمل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ترجمان چيو ته 26 مارچ تي ڪي پي ڪي صوبي ۾ چيني ڪمپني جي داسو هائڊرو پاور رٿا جي قافلي تي دهشتگرد حملي ۾ 5 چيني ۽ هڪ پاڪستاني شهري فوت ٿيا. هن سوڳوار ڪٽنب سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. ترجمان چيو ته اسان جي خواهش آهي ته پاڪستان ۾ چيني شهرين، منصوبن ۽ اد??رن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن. چين پاڪستان سان هر ممڪن ڪوشش سان فالواپ آپريشن تي ڪم ڪري رهيو آهي. ترجمان ٻڌايو ته پاڪستان ۾ چين جي سفارتخاني چيني شهرين ۽ پاڪستان ۾ ڪاروباري اد??رن کي سيڪيورٽي صورتحال تي ويجهي رکڻ، حفاظتي قدمن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ دهشتگرد حملن خلاف اضافي حفاظتي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان سدار بهار اسٽريٽجڪ سهڪار تي ٻڌل شراڪتدار ۽ مضبوط دوست آهن ۽ چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ تمام اهم ڪردار اد?? ڪري ٿو. هن چيو ته چين پاڪستان سهڪار کي نقصان پهچائڻ جي ڪا به ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي. هن چيو ته چين هر قسم جي دهشتگردي جي مخالفت ڪري ٿو ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ??رپ??ر حمايت ڪري ٿو. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته چين پاڪستان ۾ چيني شهرين، منصوبن ۽ اد??رن جي مڪمل تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ پاڪستان سان وڌيڪ مضبوطي سان ڪم ڪندو.
چين – پاڪستان سهڪار کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي: چين جي پرڏيهي وزارت پاران داسو هائڊرو پاور رٿا جي قافلي تي ٿيل حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب