سائوپائولو-03 مئي (اي پي پي ) برازيل جي ڏکڻ پاسي رياست ريوگرانڊي ڊوسول ۾ لڳاتار چين ۾ شديد برساتن ، ٻوڏ ۽ مٽي جون ڇپون ڪرڻ ۽ طوفان سبب 29 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ 60 ڄڻا گم ٿي پيا آه?? طوفان سبب رياست جا ڏيڍ سو کان وڌيڪ شهر متاثر ٿيا آه?? شنهوا موجب ريو گرانڊي ڊوسول جي گورنر ايڊورڊو ليٽي فوتگين ۾ اضافي جو خدشو ظاهر ڪيو آه?? ۽ چيو آه?? ته يورو گوئي ۽ ارجنٽائن جي سرحد لڳ رياست ريو گرانڊي ڊوول زرعي ۽ مال جي پيداوار جي لحاظ سان سموري ملڪ سڀ کان اڳيان آه?? گورنر چيو ته رياست جي تاريخ جي بدترين قدرتي آفت آه?? رياست ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آه?? رهاڪن کي چيو ويو آه?? ته مٿا??هي?? جڳهه جي طرف وڃن ۽ شهري دفاع جي ايجنسي ذريعي نشاندهي ڪيل ٻوڏ سٽيل علائقن کان پري رهن هن چيو ته اٽڪل 4،400 رهاڪن کي ڪڍيو ويو آه?? پر هزارين ماڻهون گهرن ۾ پاٿل آه?? ۽ محفوظ هنڌن تي منتقلي جا منتظر آه?? . رياستي کاتي شهري دفاع موجب طوفان سبب 154 شهر متاثر ٿيا آه?? برازيل جي صدر لوئيز اناسيو لولاڊا سلوا رياست جي سڀ کان وڌيڪ متاثر شهرن ۾ مان هڪ سانتا ماريا جو دورو ڪيو ۽ گورنر سان ملاقات ڪئي صدر رياست ۾ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ وفاقي فنڊنگ ۽ امداد جي آڇ ڪئي .
برازيل ۾ برساتن، ٻوڏ ۽ مٽي جون ڇپون ڪرڻ سبب 29 ڄڻا اجل جو شڪار ،60 ڄڻا گم ٿي ويا
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش