اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي ڀارتي پرڏيهي وزير جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڪشمير کي ڀارت جو اڻٽٽ حصو قرار ڏيڻ جي خ??اف قرارداد متفقه طور تي منظور ڪري ورتي ۽ ان بيان کي رد ڪندي چيو آهي ته ام?? ۽ ??رقي سٺي پاڙيسري لاڳاپن تي ڀاڙين ٿا ۽ اڳيان وڌڻ جو واحد رستو ڳالهيون آهن. متفقه قرارداد نويد قمر زولز معطل ڪرڻ کانپوءِ ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان ڀارت جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڪشمير کي ڀارت جو اڻٽٽ حصو قرار ڏيڻ جي بيان کي رد ڪري ٿو. ڪشمير هن وقت به گڏيل قومن جي قرارداد ۾ تڪراري علائقو آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں