اسلام آباد – 23مارچ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام جو راز جمهوريت ۾ ئي لڪل آهي، درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ضرو??ي آهي ته جمهوري روايتن کي فروغ ڏنو وڃي ته جيئن معاشري ۾ رواداري، هم آهنگي ۽ برداشت وڌي ويجهي، هن ??ها ڳالهه پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو اڄ جمعي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، صدر چيو ته 23 مارچ جو ڏينهن ??سان جي قومي تاريخ ۾ هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، ان پرمسرت موقعي تي سڄي ق??م کي دلي مبارڪباد پيش ڪندي هن چيو ته ان ڏينهن ??سان جي بزرگن تاريخي قرارداد لاهور منظور ڪئي، جنهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي هڪ واضح ۽ عظيم مقصد لاءِ متحد ڪري ڇڏيو، صدر ان موقعي تي باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح، مصور پاڪستان ڊاڪٽر علامه محمد اقبال ۽ آزادي جي تحريڪ جي ٻين اڳواڻن کي خراج عقيدت پيش ڪيو جن پنهنجي پڪي عزم ۽ بي مثال قرباني سان پاڪستان حاصل ڪرڻ جي راهه هموار ڪئي.
صدر ممنون حسين جو پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania