ٽوڪيو – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) جاپان جي اتر اوڀر واري شهر مياگي ۾ واقع اوناگاوا ايٽمي بجلي گهر جي انتظامي ڪمپني پنهنجي ري ايڪٽرن مان هڪ کي 2011ع جي زلزلي ۽ سونامي جي سا??حي ۾ نقصان پهچڻ جي 13 سا??ن کانپوءِ ٻيهر هلائي ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اوناگاوا ايٽمي بجلي گهر جي منتظم ڪمپني طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته 2011ع جي سا??حي سبب اوناگاوا نمبر 2 ري ايڪٽر کي ڪيترن ئي ٻاهرين ذريعن سا?? هلندڙ بجلي ڪٽجي وئي هئي ۽ ان زمين هيٺ حصو پاڻي ۾ ٻڏي ويو هو. توهوڪو اليڪٽرڪ پاور ڪمپني بجلي گهر جي سا??ونڊي ڀتين کي سمنڊ جي سطح کان 29 ميٽر تائين بلند ڪرڻ سميت سا??حي کي ٻيهر پيش اچ?? کان روڪڻ لاءِ قدم کنيا آهن. توهوڪو اليڪٽرڪ ڪنٽرول راڊز کي هٽائي ري ايڪٽر کي ٻيهر فعال ڪيو. ڪمپني چيو ته ري ايڪٽر سيلف سسٽيننگ چين ري ايڪشن تائين پهچي ويو آهي ۽ نومبر جي شروعات ۾ بجلي جي پيداوار شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.
جاپان ۾ اوناگاوا ايٽمي ري ايڪٽر 2011ع سانحي کانپوءِ ٻيهر هلايو ويو
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر