اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پ?? پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي ??زير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته ميڊيا هائوسز ۽ ميڊيا ڪارڪنن جي ت??فظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ سيڪيورٽي قدمن جي ضرورت آهي. ميڊيا هائوسز جي سيڪيورٽي معاملن جي حل لاءِ قائم ڪيل وزارتي ڪميٽي جي ڇهين اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته حڪومت صحافي برادري جي ت??فظ جو پڪوپهه ڪيو آهي ۽ جرنلسٽ ويلفيئر اينڊ پروٽيڪشن بل 2016ع جي تياري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن ميڊيا جي ڪارڪنن جا جائز مطالبا پورا ٿي سگهن. ان موقعي تي ت??لي?? وارو مملڪتي وزير انجنيئر بليغ الرحمان ۽ وزيراعظم جو قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي وارو صلاحڪار عرفان صديقي ??ڻ موجود هئا. وفاقي ??زير چيو ته بل ۾ انڊونمينٽ فنڊ بابت شقون، جاني نقصان يا زخمي ٿيڻ جي صورت ۾ معاوضو ۽ انشورنس اسڪيم شامل آهي جنهن جو مقصد ميڊيا جي صنعت ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن جي پائيدار ترقي ۽ ت??فظ آهي.
ميڊيا هائوسز جي تحفظ لاءِ سيڪيورٽي قدمن جي ضرورت آهي: پرويز رشيد
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ