اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ تربي??ا پنج توسيع منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ لاءِ تربي??ا پهچي ويو. وزيراعظم آفيس ج?? ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب تربيلا 5 توسيع منصوبو 807 ملين ڊالر ج?? لاڳت سان تعمير ڪيو پيو وڃي. ورلڊ بئنڪ ۽ ايشين انفرااسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ منصوبي جي تعمير لاءِ مالي مدد فراهم ڪري رهيو آهن، منصوبو صرف ٽن سالن ج?? ننڍي مدي ۾ 2024ع تائين مڪمل ڪيو ويندو، منصوبي جو بنيادي مقصد مستقبل ۾ تربيلا ڊيم کي مٽي ڀرجڻ جي خطرن کان محفوظ بڻائي، پراجيڪٽ جي ڪري تربيلا ڊيم مان زرعي مقصدن لاءِ پائيدار بنياد تي پاڻي جي دستيابي جاري رهندي. تربيلا 5 توسيع منصوبي سان 1530 ميگاواٽ ماحول دوست ۽ سستي پن بجلي به حاصل ٿيندي. منصوبو هر سال نيشنل گرڊ کي هڪ ارب 34 ڪروڙ يونٽ سستي بجلي مهيا ڪندو. تربي??ا پنج توسيع منصوبي جي تعمير جي ڪري ملازمتن جا 3 هزار موقعا پيدا ٿيندا، منصوبي جي ڪري تربيلا کان بجلي پيدا ڪر?? جي صلاحيت 4 هزار 888 ميگاواٽ کان وڌي 6418 ميگاواٽ ٿي ويندي، تربي??ا پنج توسيع منصوبو پاڪستان جي پاڻي، خوراڪ ۽ توانائي جي اهم ضرورتن کي پورو ڪر?? ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.
وزيراعظم تربيلا پنج توسيع منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ لاءِ تربيلا پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل