اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو پاڪس??ان جو دؤرو ملتوي ٿيڻ هڪ سازش آهي، ڪوبه سيڪيورٽي ٿريٽ نه هو، نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم کي اسان ج?? سيڪيورٽي ادارن فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي.
گهرو وزارت جي مي??يا سيل ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شيخ رشيد احمد چيو ته پاڪس??ان جي سمورن سيڪيورٽي ادارن بشمول ايس ايس جي ۽ 4 هزار پوليس اهلڪارن سيڪيورٽي فراهم ڪئي ۽ اسان جي ادارن وٽ ڪنهن به قسم ج?? سيڪيورٽي ٿريٽ جو اطلاع نه هو جنهن جو ذڪ?? نيوزيلينڊ ج?? سيڪيورٽي انچارج طرفان ڪيو ويو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان دوشنبي ۾ هڪ اهم پرڏيهي اجلاس ۾ هو جنهن کي ان صورتحال کان آگاهه ڪيو ويو جنهن تي وزيراعظم عمران خان نيوزيلينڊ جي وزيراعظم سان رابطو ڪيو ۽ کيس ڪرڪيٽ ٽيم کي هر ممڪن سيڪيورٽي جي فراهمي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ۽ کيس ٻُڌايو ته پاڪس??ان ۾ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم کي ڪوبه خطرو ناهي،
جڏهن ته پاڪس??ان ج?? سيڪيورٽي قدمن تي اطمينان جو به اظهار ڪيو ويو هو. نيوزيلينڊ جي هڪ سيڪيورٽي ٽيم به پاڪس??ان آئي هئي جنهن پاڪس??ان ج?? سيڪيورٽي قدمن کي تسلي بخش قرار ڏنو هو ۽ ان کان به اسان کي ڪنهن به قسم جي ٿريٽ ڪال جو ڪو ثبوت ناهي مليو. ڀارتي مي??يا پاڪس??ان خلاف زهر اوڳاڇي رهي آهي پر پاڪستاني قوم قومي سلامتيءَ جي مسئلي تي هڪ پيج تي آهي ۽ عمران خان جي قيادت ۾ متحد آهي.
گهرو وزير چيو ته پاڪس??ان طرفان نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي اسٽيڊيم ۾ بنا تماشائين جي مي?? کيڏڻ جي به آڇ ڪئي وئي پر انهن ڪابه ڳالهه نه مڃي. گهرو وزير چيو ته اهڙي موقعي تي جڏهن پاڪس??ان دنيا ۾ امن جو سڀ کان وڏو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ دهشتگرديءَ خلاف ڀرپور قسم جو عزم رکي ٿو، اهڙي وقت ۾ هڪ سازش تحت نيوزيلينڊ جي ان دؤري کي ملتوي ڪيو ويو. هن چيو ته اسان جي نيشنل ڪرائيسز مئنجمينٽ سيل به تمام بهترين ڪم ڪيو ۽ ٻُڌايو ته ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جو سيڪيورٽي ٿريٽ جو ڪو اطلاع ناهي. هن چيو ته اسان جو ملڪ هڪ ذميوار آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته هتي ڪرڪيٽ کيڏي وڃي. وزيراعظم عمران خان هڪ رانديگر طور ورلڊ ڪپ کٽيو جيڪو اسان لاءِ اعزاز آهي.
هن چيو ته ان سازش جي پٺيان لِڪل هٿ ضرور ظاهر ٿيندا. گهرو وزير چيو ته اسان افغان امن جا حامي آهيون، اسان جون سموريون سرحدون محفوظ آهن، ڪجهه ڳُجها هٿ پاڪس??ان کي قربانيءَ جو ٻڪر بڻائڻ چاهين ٿا ۽ چاهين ٿا ته خونريزي ٿئي پر انهن جي خواهش ڪڏهن به پوري نه ٿيندي. شيخ رشيد احمد چيو ته پاڪس??ان جو اميج بهتر ٿيندو اسان افغان بارڊر کي محفوظ ڪيو آهي، ڪوبه پناهگير هاڻوڪن ڏنهن ۾ پاڪس??ان ناهي آيو ۽ پاڪس??ان ۾ ڪابه پناهگيرن ڪيمپ ناهي ڪئي وئي.