اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته بيوقوفاڻيون ڪهاڻيون ۽ سازشي ٿيوريز ٺاهڻ بدران اهو ٻڌايو وڃي ته ايون فيلڊ اپارٽمينٽس جا پئسا ڪٿان آيا؟ مريم نواز جي اربين رپين جي جائيداد سامهون اچي چڪي آهي، ان جو جواب ڏين. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته انصار عباسي جي هڪ حيرت انگيز اسٽوري نظر مان گذري جنهن ۾ گلگت جو هڪ جج صاحب فرمائي ٿو ته جڏهن هو ثاقب نثار صاحب وٽ چانهه پيئڻ ويٺو ته جج صاحب فون تي هاءِ ڪورٽ جي جج کي چيو ته نواز ??ري?? جي ضمانت اليڪشن کان اڳ ناهي وٺڻي، ڪهڙا ڪهڙا لطيفا هن ملڪ ۾ نواز ??ري?? کي مظلوم ثابت ڪرائڻ جي مهم هلائي رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اندازو لڳايو ته ڪن??ن جج وٽ چانهه پيئڻ وڃو ۽ هو فون ملائي ويٺل آهي ته توهان جي سامهون ئي اهڙيون هدايتون جاري ڪري ته ڪن??ن جوابدار جي ضمانت وٺڻي آهي يا ناهي وٺڻي، جوابدار به ڪو عام ماڻهو نه ملڪ جو وزيراعظم. هن چيو ته بيوقوفاڻيون ڪهاڻيون ۽ سازشي ٿيوريز ٺاهڻ بدران اهو ٻڌايو ته نواز ??ري?? ??يڪ?? ايون فيلڊ اپارٽمينٽس خريد ڪيا ۽ ??يڪ?? بعد ۾ مريم نواز جي ملڪيت ۾ ڏنا ويا، ان??ن جا پئسا ڪٿان آيا؟ چوڌري فواد حسين چيو ته مريم نواز اهو چيو ته منهنجي لنڊن ۾ ته ڇا پاڪستان ۾ به ڪا جائيداد نه آهي، هاڻي اربين رپين جي جائيداد سامهون اچي چڪي اهي، ان جو جواب ڏيو.
بيوقوفاڻيون ڪهاڻيون ۽ سازشي ٿيوريز ٺاهڻ بدران اهو ٻڌايو وڃي ته ايون فيلڊ اپارٽمينٽس جا پئسا ڪٿان آيا؟: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ