بخارسٽ – 10 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان رومانيا سان وسيع البنياد ۽ نتيجاخيز لاڳاپا قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن بخارسٽ ۾ رومان??ا جي وزيراعظم ??ڪولائي چيوڪا سان ملاقات دوران چئي. وزيراعظم رومان??ا جي چيف آف پروٽوڪول پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير رومان??ا جي وزيراعظم ??ڪولائي چيوڪا کي وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستاني قيادت پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. ملاقات ۾ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ۽ خوشگوار لاڳاپن تي روشني وڌي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان رومانيا سان وسيع البنياد ۽ نتيجاخيز لاڳاپا قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ تازي بهتري ٻنهي ملڪن جي قيادت جي ويزن جو اظهار آهي. پرڏيهي وزير رومانيا پاران ڪورونا وائرس جي وبائي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ کنيل موثر قدمن کي ??ار??هيو ۽ پاڪستاني عوام جي لاءِ رومان??ا جي حڪومت پاران ڪوويڊ جي خاتمي واري ويڪسين جون 500000 خوراڪن جي تحفي جي اعلان تي وزيراعظم ??ڪولائي چيوڪا جا ٿورا مڃيا. رومان??ا جي وزيراعظم افغانستان جي ڏس ۾ پاڪستان جي ڪر??ار ۽ رومان??ا جي شهرين جي انخلا ۾ اسلام آباد پاران فراهم ڪئي ويندڙ مدد کي ??ار??هيو. رومان??ا جي وزيراعظم سان ملاقات دوران پرڏيهي وزير اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي خاص طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ صورتحال جي سنگيني ۽ افغانستان جي ڏس ۾ پاڪستان جي مثبت ڪر??ار کي اجاگر ڪيو. پرڏيهي وزير يورپي يونين ۾ پاڪستان جي لاءِ جي ايس پي پلس جي حوالي سان رومان??ا جي حمايت کي ??ار??هيو. رومان??ا جي وزيراعظم ??سٽر نڪولائي چيوڪا پرڏيهي وزير کي رومانيا اچڻ تي ڀليڪار چوندي نيڪ خواهشن جي اظهار تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا.
پاڪستان رومانيا سان وسيع البنياد ۽ نتيجاخيز لاڳاپا قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي: مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر