اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ سنڌ جي گو??نر عمران اسماعيل ۽ سنڌ مان پي ٽي آءِ جي قومي اسيم??لي ميمبرن جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ معاشري جي غريب طبقن جي سهولت ??اء?? قومي صحت ڪارڊ، ڪامياب جوان پروگرام ۽ احساس راشن رعايت پروگرام جهڙن تاريخي حڪومتي قدمن تي وزيراعظم کي ساراهيو ويو. ان موقعي تي سنڌ جي اسيم??لي ميمبرن وزيراعظم کي درخواست ڪئي ته سنڌ جي ماڻهن جي ??اء?? به وفاقي فنڊز مان صحت ڪارڊ جاري ڪيو وڃي ڇو ته سنڌ جي صوبائي حڪومت ان مقصد جي ??اء?? وسيلا رکڻ جي ??اء?? تيار نه آهي. وزيراعظم انهن کي يقين ڏياريو ته هو سنڌ جي عوام جي مفاد ??اء?? ان سلسلي ۾ سمورن ممڪن آپشنز تي غور ڪري حل ڪڍندو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، محمد اڪرم چيما، علي حيدر زيدي، محمد ميان سومرو ۽ وزيراعظم جي خاص معاون ملڪ عامر ڊوگر شرڪت ڪئي. قومي اسيم??لي ميمبرن محمد اڪرم چيما، آفتاب حسين صديقي، محمد عالمگير خان، سيف الرحمان، آفتاب جهانگير، محمد اسلم، غزالا سيفي، نصرت ??حي??، نزهت پٺاڻ، جئه پرڪاش، رميش ڪمار ۽ لال چند مالهي پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ سنڌ مان پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبرن جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن