اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي قيدين جي سزا??ن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي ??هي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب سزا??ن ۾ گهٽتائي قتل، جاسوسي ۽ رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث قيدين جي نه هوندي. اهڙي طرح زنا، چوري، ڌاڙي، اغوا ۽ دهشتگردي ۾ سزا يافته ڏوهارين تي پڻ سزا??ن ۾ گهٽتائي لاڳو نه ٿيندي. وڌيڪ اهو ته ??زا ۾ گهٽتائي مالي ڏوهن ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ڏوهارين تي به لاڳو نه هوندي. 65 سالن کان وڌيڪ عمر جا مرد قيدي جيڪي پنهنجي هڪ ڀاڱ?? ٽي قيد ڪاٽي چڪا آهن ۽ 60 سالن کان وڌيڪ عمر جون عورت قيدي جيڪي هڪ ڀاڱ?? ٽي قيد ڪاٽي چڪيون آهن، انهن تي سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. اهڙي طرح 18 سالن کان گهٽ عمر جا ماڻهو جيڪي پنهنجي هڪ ڀاڱي سزا ڪاٽي چڪا آهن انهن تي به سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. صدر سزا??ن ۾ گهٽتائي جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني ??هي.
صدر پاران پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات