اسلام آباد – 10 مئي (اي پي پي) جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته موجوده صورتحال جي تناظر ۾ نيشنل اڪنامڪ پلان جوڙيو وڃي، پي ٽي آءِ سان ڳالهين جو ڪو به فائدو ناهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آئين پاڪستان جي گولڊن جوبلي جي عالمي ??ار??ياماني ڪنوينشن جي پهرين ڏينهن جي پڄاڻي واري ويهڪ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته گولڊن جوبلي جي تقريبن ۾ شرڪت تي ??نهنجي دوست ملڪن ۽ معزز مهمانن کي ڀليڪار چوان ٿو. اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين ۾ ??ار??يامينٽ کي مجلس شوريٰ سان تعبير ڪيو ويو آهي، شوريٰ هڪ قرآن اصطلاح آهي، قوم جي چونڊيل نمائندن تي ??ڌل ??ار??يامينٽ کي شوريٰ سان ياد ڪيو آهي. وحي جو دروازو قيامت تائين لاءِ بند آهي ۽ شوريٰ جو دروازو قيامت تائين کليل آهي. حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم شوريٰ سان مشاورت ڪندو هو، غزوه احد ?? جڏهن مشڪل صورتحال پيش آئي ۽ 70 جي لڳ ڀڳ صحابه ڪرام شهيد ٿيا، حضور اڪرم صلعم ڪرب ۾ هو پر پنهنجي ماڻهن لاءِ رحمدل هو، پاڻ صلعم جي قيادت نرم طبيعت جي هئي. حضرت علي جي ئي هڪ ٻئي روايت آهي ته ??سا?? قرآن ۽ سنت سان مسئلا حل نه ڪري سگهون ٿا ته ڇا ڪريون، حضور صلعم فرمايو ته پوءِ مشاورت ڪريو، هن چيو ته اهڙن ماڻهن سان مشاورت ڪريو جيڪي فقهي هجن. صاحب الراءِ هجن، اهڙي نظريي جي بنياد تي ??اڪستان جي ??ار??يامينٽ کي مجلس شوريٰ قرار ڏنو ويو آهي، پاڪستان جو آئين ادارن جي اندر اختيارن کي ورهائي ٿو، ??ار??يامينٽ، عدليه ۽ انتظاميه، انهن سڀني جو پنهنجو دائري ڪار آهي ۽ دائري اختيار آهي، ??ار??يامينٽ آئين ۽ قانون ٺاهي ٿو، ترميم ڪري ٿو،. هن چيو ته آئين ۽ قانون ??ار??يامينٽ جي تخليق آهي ته اهو ئي ادارو سڀ کان وڌيڪ طاقتور آهي، ??سا?? وٽ هتي اختيارن جي مسئلي ۾ بگاڙ پيدا ٿيو آهي، ادارا پنهنجي دائري اختيار کان ٻاهر ٻين جي دائري ۾ مداخلت ڪندا آهن، ??ار??يامينٽ جي اختيارن ۾ مداخلت ڪئي ويندي آهي، اڄ جيڪا مشڪلات آهي ان جو بنيادي سبب اهو ئي آهي. آئين جو بنياد آهي ته احترام ضروري رهي، تڏهن ئي ملڪ ترقي ڪندو. هن چيو ته عدليه جو ڪم تشريح آهي پر جڏهن نظر ڊوڙايون ٿا ته هو من پسند ۽ مبهم تشريح ڪندي آهي، آئين ملڪ، سمورن صوبن جي ماڻهن، قوميت وچ ۾ ميثاق ملي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي هر شهري جي ڪمٽمنٽ هن آئين موجب آهي، هي نه رهيو ته ڪنهن کي پابندي نه رهندي، ضروري آهي ته آئين کي تحفظ ڏنو وڃي ۽ ان سان کيڏڻ بند ڪري ان کي رهنما تصور ڪيو وڃي، دنيا ترقي ڪري رهي آهي، ٽيڪنالاجي ۾ اڳتي ??ڌي رهي آهي ۽ قدرتي ذخيرن کي استعمال ۾ آندو پيو وڃي پر ??سا?? آهيون جيڪو ??سا?? جو نظام ٻاهرين قوتن جي هٿ ۾ آهي، سياسي طور تي ??سا?? جي دعويٰ آهي ته ??ار??يامينٽ خودمختيار آهي پنهنجي قانونسازي ڪندي آهي، جيڪڏهن عالمي ادارا، گڏيل قومون، انساني حقن جا ادرا ڪو فيصلو ڏئي ڇڏين ته ??سا?? جو ملڪ ۾ اهو موثر هوندو. هن چيو ته پنهنجو قانون ۽ پنهنجو آئين غير موثر ٿي ويندو آهي، ??سا?? کي طاقتور ملڪ بڻجڻو پوندو، دنيا سان هلڻ لاءِ طاقتور هجڻ ضروري آهي، ڪمزور ملڪ غلام هوندا آهن اهي دنيا سان هم قدم نٿا ٿي سگهن، ??سا?? جا فيصلا ايف اي ٽي ايف، آءِ ايم ايف، ورلڊ بئنڪ، پيرس گروپ ڪندا آهن، اڄ ??سا?? پنهنجي بجيٽ پاڻ ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ ناهيون، آئين کان مٿانهين قانونسازي ٿيندي آهي، ايف اي ٽي ايف جي خواهش تي ??انونسازي ٿي، ??سا?? ان جو حصو نه بڻياسين، هتي آءِ ايم ايف جي دٻاءُ تي ??انونسازي ڪئي، ??سا?? ان جو ساٿ نه ڏنو. هن چيو ته ريڪوڊڪ جي معاملي تي ??سا?? سودي نه ڪئي، صوبي جي حق لاءِ ڄميل رهياسين، ??سا?? جي آئين جو بنيادي ٿنڀ اسلام آهي ۽ آئين چوي ٿو ته حاڪميت الله جي ۽ اسلام پاڪستان جو مملڪتي ??ذهب هوندو. ڪا قانونسازي قرآن ۽ سنت کانسواءِ نه ٿيندو. ٻيو ٿنڀ جمهوريت آهي جيڪو آئين به ٺاهينداسين ۽ ان تي عمل ڪنداسين. ٽيون ٿنڀ ??ار??ياماني نظام آهي ان کانسواءِ ڪو ٻيو صدارتي ??ظام يا ڪنهن قسم جو نظام نه هلندو، هڪ وفاق تحت اڪاين جا اختيار هوندا. هن چيو ته جمهوريت انهي لاءِ هوندي آهي ته سڌارا ??ار??يامينٽ جي ذريعي ڪيا وڃن، جنگيون به ڪنهن مسئلي جو حل ناهن هونديون. ??سا?? کي ڏسڻو پوندو ته ڪيئن ملڪ ۾ داخلي امن ٿيندو، داخلي امن لاءِ معاشي استحڪام ضروري آهي، نيشنل ايڪشن پلان بدران نيشنل اڪنامڪ ايڪشن پلان تي ڪم ڪيو وڃي ??سا?? جي سوچ مثبت آهي، انهي سان اڳتي ??ڌڻ چاهيون ٿا. مضبوط جمهوريت گهرجي، ڌانڌلين جي نتيجي ۾ نااهل مڙهجي ويندا آهن، هن چيو ته جيڪي واقعا ڪالهه کان ٿي رهيا آهن جنهن جو ??سا?? مشاهدو ڪري رهيا آهيون انهي لاءِ چيو هو ته انهن سان ڳالهين جو ڪو به فائدو ناهي، پي ٽي آءِ ۾ عقل ۽ شعور کان عاري ماڻهو آهن جيڪي ڳالهين جي قابل نه هئا.
موجوده صورتحال جي ڏس ۾ نيشنل اڪنامڪ پلان جوڙيو وڃي، پي ٽي آءِ سان ڳالهين جو ڪو به فائدو ناهي: مولانا فضل الرحمان
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے فوائد