اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان سدائين عدليه جي توهين ڪئي، ڪڏهن به قانون جي پاسداري نه ڪئي، هو سمج??ي ٿو ته ڪير ان کان پڇي نه ٿو سگهي، عمران خان جي گرفتاري قانون موجب هئي، ان سان عام شهري جهڙو سلوڪ ٿيڻ گهرجي. ”اسڪائي نيوز“ کي پنهنجي خصوصي انٽرويو ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان تي ڪرپ??ن جا الزام هئا، ان جي گرفتاري سان حڪومت جو ڪو تعلق نه آهي، اها گرفتاري نيب جي ۽ قانون موجب هئي. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ا??ان سياسي انتقام تي يق??ن نه ٿا رکون، عمران خان کي گرفتار يا خاموش ڪرڻو هجي ها ته ا??ان 14 ??هي??ا انتظار نه ڪريون ها. عمران خان جي نااهلي بابت سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ا??ان عمران خان کي نااهل ڇو ڪرائڻ چاهينداسين؟ ڪا به جمهوري حڪومت ائين ڇو ڪندي؟ البته عمران خان پنهنجي دور ۾ سياسي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو، جيلن ۾ وڌو ۽ انهن جو آواز بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عدالتي حڪم جاري ٿيڻ کانپوءِ اهو ان جو آئيني حق آهي ته هو ان آرڊر جو جائزو وٺي يا ان تي ڳالهه ڪري. هڪ ٻئي سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گذريل ٽن ڏينهن دوران ڪو پرامن شهري رستن تي نه هو، رڳو هٿياربند جٿا ۽ دهشتگرد موجود هئا جن رياستي ۽ عوامي ملڪيتن کي نقصان پهچايو.
عمران خان سدائين عدليه جي توهين ڪئي، ڪڏهن به قانون جي پاسداري نه ڪئي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن