اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي واپار ۾ اضافي جي لاءِ اقتصادي سفارتڪاري تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته روانگي واپار ۽ غيرملڪي سيڙپڪاري وڌائي پاڪستان معاشي چئلينجز تي ضابطو آڻي سگهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پا??ان جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڊينمارڪ ۽ روانڊا جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفيرن سان ملاقات دو??ان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ملڪي روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ اقتصادي ۽ واپاري سفارتڪاري تي ڌيان ڏيڻو پوندو. صدر سان ڊينمارڪ ۾ پاڪستان جي نامزد سفير شعيب سرور ملاقات ??ئي. صدر چيو ته نامزد سفير ملڪي روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ اقتصادي سفارتڪاري تي ڌيان ڏين. صدر چيو ته ڊيري ۽ زراعت جي شعبن ۾ ڊينمارڪ جي ڪمپ??ين کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏئي سگهجي ٿي، انفارميشن ٽيڪنالاجي به تعاون وڌائڻ جي لاءِ هڪ اهم شعبو آهي. هن چيو ته نامزد سفير ڊينمارڪ جي هوائي توانائي جي ڪمپ??ين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ دعوت ڏي، نامزد سفير قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ تعاون وڌيڪ وسيع ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري. صدر اميد ظاهر ڪئي ته وزارتي سطح تي تازي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل فائديمند لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي سان روانڊا ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر نعيم الله خان پڻ ملاقات ??ئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان روانڊا سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن ۾ خوشگوار لاڳاپا آهن. صدر چيو ته زراعت، خو??اڪ جي تحفظ ۽ انساني وسيلن جي شعبي ۾ تعاون جا وسيع امڪان آهن، نامزد سفير درآمد ڪندڙن ۽ برآمد ڪندڙن کي مدد فراهم ڪري لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائي. صدر چيو ته نامزد سفير روانڊا جي واپارين کي پاڪستاني مارڪيٽ تائين پهچ ڏيڻ جي لاءِ انهن سان رابطو ڪري. صدر ٻنهي سفيرن کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلمن ۽ انساني حقن جون خلاف ورزيون اجاگر ڪرڻ جي پڻ هدايت ??ئي.
روانگي واپار ۽ غيرملڪي سيڙپڪاري وڌائي پاڪستان معاشي چئلينجز تي ضابطو آڻي سگهي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں