ڪراچي-13 جون (اي پي پي) سامونڊي فوج بپر جواءِ نالي سامونڊي طوفان جي پيش نظر سنڌ جي سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ امدادي ڪارروائين تحت شاهه بندر جي آسپاس ڳوٺن مان لڳ ڀڳ ??ڪ هزار ماڻهن جي محفوظ هنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ۾ مدد فرا??م ڪئي، جڏهن ته 64 مهاڻن کي سمنڊ مان ريسڪيو ڪيو ويو. جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪ نيوي سامونڊي طوفان بپر جواءِ جي پيش نظر سنڌ جي سامونڊي ڪناري ??ارن علائقن ۾ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ بروقت مدد فرا??م ڪرڻ لاءِ پنهنجن سڀني اثاثن سان هر وقت تيار آهي. پاڪ نيوي جي دستن شاه بندر سان لاڳاپيل ڳوٺن مان لڳ ڀڳ ??ڪ هزار ماڻهن جي محفوظ هنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ۾ مدد فرا??م ڪئي ۽ 64 مهاڻن کي سمنڊ کان ريسڪيو ڪيو. بدلجندڙ صورتحال ۽ هر وقت امدادي ڪارروائين جي نگراني لاءِ هيڊڪوارٽر ڪمانڊر ڪراچي ۾ سائيڪلون مانيٽرنگ سيل قائم ڪري ڇڏيو. پاڪ نيوي جوائنٽ ميري ??ائيم انفارميشن ڪوآرڊينيشن سينٽر جي جاري ڪيل هدايتن موجب سڀني اسٽيڪ هولڊرز خاص ڪري ??هاڻن کي اونهي ۽ ک??يل سمنڊ ۾ نه وڃڻ جو چيو پيو وڃي. پاڪ نيوي جي ايمرجنسي رسپانس ۽ طبي ٽيمون بلوچستان جي سامونڊي پٽي ۽ حيدرآباد، شهيد بينظير آباد، سکر ۽ سانگهڙ سميت سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ فوري امداد فرا??م ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن. پاڪ نيوي جا جهاز ک??يل سمنڊ ۾ گشت دوران سامونڊن ۾ ڦاٿل ٻيڙين کي مدد فرا??م ڪرڻ ۾ سرگرم آهن. ڪراچي ۾ پاڪ نيوي جي اسپتالن ۾ به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي. سامونڊي طوفان بپر جواءِ کان عوام کي محفوظ رکڻ لاءِ پاڪ نيوي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ صوبائي ۽ مقامي حڪومتن سان لڳاتار رابطي ۾ آهي ته جئين ضرورت جي پيش نظر بروقت مدد فرا??م ڪري سگهجي.
سامونڊي فوج سامونڊي طوفان جي پيش نظر سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ امدادي ڪارروائين تحت شاهه بندر جي آسپاس ڳوٺن مان هڪ هزار ماڻهن جي محفوظ هنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ۾ مدد فراهم ڪئي، 64 مهاڻن کي سمنڊ مان ريسڪيو ڪيو
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز