اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪس??ان ۽ آمريڪا جي عوام جي وچ ۾ رابطا وڌائي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪس??ان معاشي لحاظ کان خطي ۾ اهم جاگرافيائي مقام تي موجود آهي، پاڪس??ان سيڙپڪاري جي لاءِ انتهائي موزون ملڪ آهي، آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني نه رڳو آمريڪا ۾ پاڪس??ان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن پر پاڪس??ان جي معاشي ترقي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ناليواري پاڪستاني آمريڪي ڪاروباري شخصيتن جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. پاڪستاني آمريڪي ڪاروباري شخصيتن جو وفد هن وقت پاڪس??ان جي دوري تي آهي. وزيراعظم چيو ته آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني نه رڳو آمريڪا ۾ پاڪس??ان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن پر پاڪس??ان جي معاشي ترقي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي مضبوطي جي لاءِ اڻٿڪ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان معدنيات جي دولت سان مالامال آهي، پاڪس??ان ج?? آبادي جي اڪثريت نوجوانن تي ٻڌل آهي، پاڪس??ان معاشي لحاظ کان خطي ۾ اهم جاگرافيائي مقام تي موجود آهي، انهن سمورن عملن جي ڪري پاڪس??ان سيڙپڪاري جي لاءِ انتهائي موزون ملڪ آهي. هن وفد کي تازو ئي قائم ڪيل خصوصي سيڙپڪاري سهولت ??ائ??نس?? (ايس آئي ايف سي) بابت پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ??ائ??نس?? ”هول آف دي گورنمينٽ“ حڪمت عملي تحت پاڪس??ان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جو فروغ يقيني بڻائيندي، ??ائ??نس?? زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، کاڻين جي کوٽائي، معدنيات، توانائي ۽ دفاع جي شعبن ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيندي. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ??ائ??نس?? پاڪس??ان ۾ سيڙپڪارين کي ون ونڊو سهولت فراهم ڪندي. وزيراعظم وفد کي پاڪس??ان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ??ني. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جو قيمتي سرمايو آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پرڏيهي آفيس ۽ پاڪستاني مشن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين سان پنهنجي رابطن کي تيز ۽ موثر بڻائين. هن چيو ته پاڪس??ان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي لاءِ گڏيل تعاون جي نئين شعبن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطا وڌائي پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي فروغ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وفد جي ميمبرن پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي ملاقات جو موقعو ڏيڻ ۽ شاندار استقبال تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وفد وزيراعظم کي پاڪ آمريڪا واپاري لاڳاپن جي فروغ لاءِ پنهنجي قدمن کان آگاهه ڪيو. وفد جي شرڪت ڪندڙن چيو ته پاڪس??ان جي لاءِ بي پناهه محبت اسان جي دلين کي هڪ ڪري ٿي. وفد جي شرڪت ڪندڙن پاڪس??ان جي مختلف شعبن ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو پڻ اظهار ڪيو.
پاڪستان ۽ آمريڪا جي عوام جي وچ ۾ رابطا وڌائي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي فروغ جي ضرورت آهي، پاڪستان معاشي لحاظ کان خطي ۾ اهم جاگرافيائي مقام تي موجود آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil