اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي عوام کي قانوني معاملن ۽ اهم عدالتي فيصلن کان آگاهي فراهم ڪرڻ ۾ ڪورٽ رپورٽرز جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ??هي ته ميڊيا جو بنيادي مقصد صحيح مع??ومات عوام تائين پهچائڻ آهي، صحافت ۾ ڪورٽ رپورٽرز جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي، ڪورٽ رپورٽنگ ٽيڪنيڪل فيلڊ آهي، وڪيلن وانگر صحافين کي به قانون کان آگاهي رکڻي پوندي آهي. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل پريس ايسوسيئيشن آف سپريم ڪورٽ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪئي. اط??اعات واري نگران وفاقي وزير پريس ايسوسيئيشن آف سپريم ڪورٽ جي نئين چونڊيل عه??يدارن صدر طيب بلوچ، جنرل سيڪريٽري اعظم گل، اط??اعات واري سيڪريٽري شهريار شعيب بخاري ۽ ٻين کي عه??و سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي اط??اعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ??ه نگران حڪومت صحافت جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي. هن چيو ??ه سپريم ڪورٽ جي ڪوريج انتهائي اهم ۽ حساس معاملو آهي. ڪورٽ رپورٽر بهتر طريقي سان اها ذميواري سرانجام ڏئي رهيا آهن. هن ذميواراڻي صحافت کي وقت جي ضرورت قرار ڏيندي چيو ??ه غيرجانبداراڻي ۽ ذميواراڻي صحافت سان ئي معاشرو صحيح رخ وٺي سگهي ٿو. نگران وفاقي وزير چيو ??ه فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ صحافين جا مسئلا حل ڪنداسين.
ميڊيا جو بنيادي مقصد صحيح معلومات عوام تائين پهچائڻ آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی