اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ نگران وزيراعظم ا??وارالحق ڪاڪڙ جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن بلوچ مظاهرين جي خلاف پوليس جي غيرمناسب سلوڪ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. صدر سان بلوچستان جي گورنر ملڪ عبدالولي خان ڪاڪڙ پڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ صوبي جي م??موعي صورتحال، بلوچ مظاهرين تي پوليس جي تشدد تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ نگران وزيراعظم ا??وارالحق ڪاڪڙ جي وچ ۾ ٿيندڙ ٽيليفونڪ رابطي ۾ ٻنهي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پوليس کي م??اهرين جي خلاف سختي سان پيش اچڻ نه گهرجي ها. نگران وزيراعظم چيو ته گرفتاري م??اهرين کي ذاتي مچلڪن تي آزاد ڪري رهيا آهيون. بعد ۾ صدر سان بلوچستان جي گورنر ملڪ عبدالولي خان ڪاڪڙ پڻ ملاقات ڪئي. جنهن ۾ بلوچستان جي گورنر چيو ته پوليس کي م??اهرين سان تحمل ۽ همدرديءَ سان پيش اچڻ گهرجي، ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ويو ته پوليس کي حدن ۽ اختيارن کان تجاوز نه ڪرڻ گهرجي ها. بلوچستان جي گورنر چيو ته پوليس احتجاج ڪندڙن کي فوري آزاد ڪري. ٻنهي اڳواڻن بلوچستان ۾ امن امان ??ي صورتحال بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو.
صدر ۽ نگران وزيراعظم ۾ ٽيليفونڪ رابطو، ٻنهي اڳواڻن پاران بلوچ مظاهرين جي خلاف پوليس جي غيرمناسب سلوڪ تي ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا