اسلام آباد- 06 فيبروري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان عام چونڊ ۾ حصو وٺندڙ سمورين سياسي پارٽين ۽ اميدوارن کي خبردار ڪيو آهي ته ضا??طه اخلاق مطابق عام چونڊن جي ڏينهن پولنگ اسٽيشنن جي 400 ميٽرن جي حدن ۾ ڪنهن به قسم جي مهم ۽ ووٽرن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ قائل ڪرڻ ۽ ڪنهن خاص اميدوار لاءِ مهم هلائڻ تي پابندي هوندي. هتي جاري بيان ۾ ترجمان چيو ته پولنگ اسٽيشن جي 100 ميٽر اندر ڪنهن خاص اميدوار جي حق ۾ ووٽ وِجهڻ لاءِ ووٽر جي حوصله افزائي يا ان کي ووٽ نه ڏيڻ لاءِ حوصله شڪني تي ٻَڌل نوٽيس، علامتون، بينر يا جهنڊا لڳائڻ تي مڪمل پابندي هوندي. جڏهن ته سياسي پارٽيون، اميدوار، اليڪشن ايجنٽ يا ان جا حمايتي، پولن?? واري ڏينهن ٻهراڙي وارن علائقن ۾ پولنگ اسٽيشن کان 400 ميٽر يا شهري علائقن ۾ 100 ميٽرن جي مفاصلي تي پنهنجي ڪيمپ لڳائي سگهندا. ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر، رٽرننگ آفيسر ۽ پ??ليس انتظاميه ڄاڻايل مٿين شقن تي عملدرآمد تي يقيني بن??ئڻ جا ذميوار هوندا، ان جي خلاف ورزي غير قا??ون?? فعل تصور ڪئي ويندي، جنهن تي قانون مطابق سخت ڪارروائي ٿيندي.
عام چونڊن جي ڏينهن پولنگ اسٽيشنن جي 400 ميٽرن جي حدن ۾ ڪنهن به قسم جي مهم ۽ ووٽرن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ قائل ڪرڻ تي پابندي هوندي: اليڪشن ڪميشن
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔