اسلام آباد– 09 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي مي??يا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز ش??يف ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطي ۾ عيدالفطر جي مبا??ڪب??د جي مٽاسٽا ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي پاڪستان ۽ ترڪ عوام جي لاءِ امن، خوشحالي ۽ اتحاد جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري ۽ تاريخي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته اهي بنيادي قومي مفادن تي هڪ ٻئي جي ڀرپور حمايت جاري رکندا. ٻنهي اڳواڻن فلسطين ۾ امن قائم ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم صدر اردوان کي جلد کان جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. ان دوري سان اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪ??ئو??سل جو ستون اجل??س پڻ منعقد ٿيڻ جا امڪان روشن ٿي ويندا.
وزيراعظم پاران پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado